ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير ۽ وڪيلن وچ ۾ تڪرار وارو معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي
سنڌ بار ڪائونسل ۽ وڪيل تنظيمن پاران عدالتن ۾ هڙتال ڪئي پئي وڃي
ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي چيمبر ٻاھران وڪيل ڌرڻو هڻي ويٺل آهن جتي وڪيلن نعريبازي ڪئي
وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جا مک دروازا وڪيلن ۽ شهرين لاءِ بند ڪرڻ سميت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مرڪزي ۽ اينيڪسي بلڊنگ کي تالا هڻي ڇڏيا آهن
عدالت ۾ پيشيءَ تي ايندڙ وڪيلن ۽ سائلين کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو سرڪاري وڪيلن کي به عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو
ڌرڻي ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار جو صدر سليم مڱريو، جنرل سيڪريٽري عامر وڙائچ ۽ ٻيا سينيئر وڪيل شريڪ آهن
وڪيلن فوري طور سيشن جج کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي
وڪيل اڳواڻن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ماڻھن سان ظلم ڪيو پيو وڃي ان جو مثال ڪٿي نه ٿو ملي
ھي جج صاحب ڪير ٿيندو آھي جيڪو عوام جو پاڻي بند ڪري هزارين سائلين روز عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا سخت گرمي ۾ انهن کي پاڻي نٿو ملي