Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_shdacia17vmuo4en61gv7pbnfn, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
جدت جو جنون ۽ معاشري جو مٽيل مهانڊو ... آزاد انور مهر - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar جدت جو جنون ۽ معاشري جو مٽيل مهانڊو ... آزاد انور مهر - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

جدت جو جنون ۽ معاشري جو مٽيل مهانڊو … آزاد انور مهر

اڄ جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۾ شادين  ڇٺين يا خوشي ۽ ٻين موقعن جي موقعن تي سنڌي سهرن لاڏن بجاءِ غير معياري ۽ اخلاق کان ڪريل شاعري تي مشتمل گيت هلن ٿا هن جهونن ۽ جهور پوڙهين کي اهي پراڻا لوڪ گيت ياد اچن ٿا جيڪي واقعا گهٽ داستان وڌيڪ هوندا هيا جن کي ٻڌندي راحت ملندي هئي. اهي لاڏا لوڪ گيت جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جي حالتن کي اهڙي انداز سان بيان ڪندا هئا. جو ٻڌندڙ دنگ رهجي ويندا هئا انهن سنڌي سهرن جي ٻولي سادي ۽ ان جو اظهار سرڪش هو اهي لوڪ گيت ڪڏهن ڪڏهن عورتون به جوڙينديون هيون پر اڪثر طور تي اهي لوڪ گيت مرد ٺاهيندا هئا پر هو پاڻ نه ڳائيندا هئا اهي سنڌي سهرا لوڪ گيت جن ۾ ريتون رسمون ۽ سماج جون سمورو عڪس چٽيل هوندو هو.اهي لوڪ گيت اڄ ڪٿي آهن؟اڄ جڏهن مڱڻي، شادي يا ڇٺي جي موقعن تي سنڌي سهرن جون شهزاديون ليکيون ويندڙ سنڌي فنڪارائون شھزادي اميران بيگم، جيجي زرينه بلوچ، ثمينه ڪنول، حميره چنا، فوزيه سومرو، ثريا خانم جي سريلي آواز وارن لاڏن بجاءِ جديد ريميڪس گيت هلن ٿا اندازو ڪري سگهجي ٿو ته معاشرو ڪيترو نه مٽجي ويو آهي.
جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي جو جديد دور اچڻ ڪري جتي انسان لاءِ انيڪ سهولتون ٿي پيون آهن اتي جديد ٽيڪنالاجي جا ڪجهه منفي اثرات ائين به پيا آهن جو سنڌي ريتون رسمون سنڌي سماج مان ڄڻ ته موڪلائڻ لڳيون آهن جيئن جديد دور ۾ سنڌ مان لاڏا، لوڪ گيت ۽ سھرا چوڻ جو رواج موڪلائڻ لڳو آهي شادين ۽ خوشي جي ٻين موقعن تي ڪاڄ جو سينگار طور سڃاتا ويندڙ ٺيٺ سنڌي سھرا شھرن توڙي ٻھراڙين مان ختم ٿيڻ لڳا آهن سنڌي لاڏن جي جاءِ ڊسڪو ايڪو سائونڊن ۽ انڊين گيتن والاري ورتي هاڻي ته ويهاوءُ شادين توڙي ڇٺي جون  رسمون ايڪو سائونڊن جي وڏي آوازن ۾ پوريون ٿيڻ لڳيون آهن ۽ ٻڍڙين جي ميٺاڄ ۽ سريلي آواز جي آلاپن جا لاڏا ماضي جو قصو بڻجي ويا آهن اڄوڪي دور جون جوان جماڻ ڇوڪريون سنڌي سھرن کان اڻ واقف ٻين لفظن ۾ ڄڻ ته لاتعلق بڻيل آهن پوڙهيون ويچاريون پنھنجي لاڏن واري دور جي پڄاڻي تي مايوس آهن.
شل گھوٽ ٿئين اڻ موٽ ٿئين امڙ اھا آس،
وني ماڻي بنڙا،مومل ماڻي بنڙا.
گھڙي ڄڃ کي روڪيو ماءُ موڪلائي.
دل جون مرادون ڀينر پوريون ٿيون،
راڻل منھنجو ڪار ۾ ٿو اچي،
گھور وڃي توتان ماءُ،
ساليون تيرنھن تاليون گھرندئي پئسه ڙي پئسه،
ھار ادل جا مان لاڙئون آڻايان،
منھنجو کٽي آيو خير سان ھو جمالو.
اڄ جتي شادين ۾ سھرن جي رسم ختم ٿي رهي آھي اتي انڊين ۽ پنجابي گيت گانن جاءِ والاري آھي.سنڌي لوڪ گيتن سنڌي سھرن کي جتي ايڪوسائونڊن ڪاپاري ڌڪ رسايو آھي اتي سنڌ جي سيکڙاٽ فنڪارن جي يلغار به گھٽ ناهي ڪئي. هاڻي شادين ۾ سهرن جو رواج نالي ماتر وڃي بچيو آهي ۽ اهڙي طرح سنڌي سماج جي سهڻي روايت لوڪ گيت لاڏا تيزي سان ختم ٿي رهيا آھن. جيڪي دهل ۽ شرنايون وڃائي ماحول مهڪائي ڇڏيندا هئا. ڄاڃي گهور گهوريندا هئا. اڄ دهل ۽ شرناين جي جاءِ سائونڊ سسٽم والاري آهي، جنهنڪري نه صرف مڱڻهار بيروزگار ٿيندا ٿا وڃن اهي ۽ اها رسم به هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. اُن قسم جون رسمون هاڻي صرف ٻھراڙيءَ تائين محدود آهن. باقي شهرن ۾ ٿيندڙ شاديءَ جون رسمون گهڻي ڀاڱي ڌاريون هونديون آھن. جيڪو هڪ وڏو الميو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *