ڪارل مارڪس جو اهو جملو تہ، “سرمائيدار پنهنجي قبر پاڻ کوٽيندو آهي” نہ صرف هڪ سياسي تنقيد آهي پر اهو جملو انساني تاريخ جي جدلياتي حرڪت بابت هڪ ابدِي قانون جي ترجماني بہ آهي۔ مارڪس جي فڪر جي اندر هر سماجي، فني ۽ معاشي تبديليءَ جو بنياد جدلياتي اصولن ۾ سمايل آهي، يعني هر وجود پنهنجي اندر پنهنجو ضد بہ ساڻ کڻي هلندو آهي ۽ ان ئي ٽڪراءَ مان تبديلي پيدا ٿيندي آهي۔
جدليات مارڪس لاءِ رڳو فلسفياتي تصور نہ هئي پر زندگيءَ جي هر حرڪت جو فطري قانون هئي۔ جيئن هيگل چيو هو تہ، “هر شئي پنهنجي ضد مان پيدا ٿئي ٿي”، تيئن مارڪس ان اصول کي مادي دنيا تي لاڳو ڪيو ۽ دنيا جي سماجي حرڪت کي مادي تضادن جي ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي۔
جدلياتي اصول جو فلسفياتي پسمنظر:
هيگل جي جدلياتي فڪر کان مارڪس تائين جيڪو فڪري سفر ٿيو، اهو “خيالن جي جدليات” کان “مادي جدليات” تائين پهتو۔ مارڪس هيگل جي ابتي بيٺل نظام کي سڌو ڪيو ۽ چيو تہ “خيال نہ پر مادي حقيقت ئي فڪر کي جنم ڏئي ٿي”۔ (Marx, Afterword to Capital, 1867).
مارڪس موجب سماج هميشه تضادن جي حرڪت ۾ هوندو آهي: پيداوار ۽ استحصال، مالڪ ۽ مزدور، طاقت ۽ مزاحمت جي وچ ۾ جاري جدوجهد ئي تاريخ جي حرڪت آهي. جڏهن هن فلسفي جي روشنيءَ ۾، سرمائيداري نظام کي ڏسون ٿا تہ اهو بہ هڪ تضاد تي بيٺل آهي: سرمائيدار جو حرص ۽ منافعو ئي ان جي زوال جو بنياد بڻجي ٿو۔ جيئن مارڪس Das Kapital ۾ لکي ٿو: “هر سرمائيداري ترقيءَ سان گڏ ان جي زوال جا عنصر بہ ترقي ڪندا آهن”.
سرمائيداري ۽ ان جو فطري تضاد:
سرمائيداري نظام جو بنياد حرص تي آهي، گهٽ خرچ، وڌيڪ پيداوار ۽ وڌ ۾ وڌ منافعو۔ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سرمائيدار ٽيڪنالاجيءَ ۾ سيڙپ ڪري ٿو، مشينن کي بهتر بڻائي ٿو ۽ مزدورن کي ان جي هلائڻ جي سکيا ڏئي ٿو۔ پر اهو ئي عمل مزدور کي ڄاڻ، فڪر ۽ شعور جي دروازي تي وٺي اچي ٿو۔ مارڪس لکي ٿو تہ، “مزدور جڏهن پنهنجي محنت جي پيداوار کي پرائي ملڪيت ۾ ڏسي ٿو، تڏهن ان ۾ بغاوت جنم وٺي ٿي”.
(Economic and Philosophic Manuscripts, 1844)
سرمائيدار ٽيڪنالاجيءَ ذريعي انسان کي غير ضروري بڻائڻ چاهي ٿو پر ساڳي ٽيڪنالاجي انسان کي ڄاڻ ۽ خود شعوريءَ ڏانهن بہ وٺي وڃي ٿي ۽ اهو ئي جدلياتي تضاد آهي، يعني هر اڳڀرائي پنهنجي اندر زوال جو ٻج کڻي هلندي آهي۔
مصنوعي ذهانت ۽ نئين سرمائيداريءَ جا تضاد:
اڄ جي دور ۾ سرمائيداري هڪ نئين شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن کي سماجي سائنسدان Shoshana Zuboff “Surveillance Capitalism” (2019) سڏين ٿا. هاڻي پيداوار جو مرڪز رڳو ڪارخانا نہ پر ڊيٽا، الگورٿم ۽ مصنوعي ذهانت (AI) ٿي ويا آهن، جتي ڪمپنيون انسان جي سوچ، خواهشن ۽ عادتن کي سامان وانگر وڪڻن ٿيون۔ پر جيئن مارڪس چيو هو تہ، “ٽيڪنالاجي مزدورن کي گڏ ڪري ان جي شعور کي وڌائي ٿي”، ساڳيو منظر اڄ بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿو۔ مصنوعي ذهانت جي ڄاڻ، روبوٽس جي ڊيزائن ۽ ڊجيٽل ڄاڻ جا اُوزار هاڻي رڳو سرمائيدارن تائين محدود نہ رهيا آهن۔ پر عام ماڻهو، شاگرد ۽ مزدور بہ انهن اوزارن کي سمجهي ۽ استعمال ڪري سگهن ٿا۔ اهو ئي نقطو مارڪس جي جملي “سرمائيدار پنهنجي قبر پاڻ کوٽيندو آهي” کي اڄ جي دور ۾ ٻيهر زنده ڪري ٿو۔
مشين، خالق ۽ بغاوت جو سوال:
جدلياتي لحاظ سان هر تخليق پنهنجي خالق کي چئلينج ڪري ٿي۔ انسان جڏهن ٽيڪنالاجي پيدا ڪئي تہ اها ان جون خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ هئي پر هاڻي اهو خدشو آهي تہ اها انسان کي بيڪار يا غلام بڻائي ڇڏيندي۔ ڪتاب Homo Deus ۾ Yuval Noah Harari لکيو آهي تہ، “انسان شايد خدا بڻجڻ جي خواهش ۾ پاڻ کي بيمعنيٰ بڻائي ڇڏي”.
هيءَ فڪري ڳالهه مارڪس جي جدليات سان ٺهڪي ٿي، جتي هر عمل جو انجام ان جي ابتڙ ۾ لڪل هوندو آهي۔ جيڪڏهن مصنوعي ذهانت سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺي ٿي تہ اهو انساني عقل جي عڪس وانگر هوندو پر جدلياتي قانون مطابق، اهو عڪس بہ پنهنجي اصل سان ٽڪراءَ ۾ ايندو۔ ان ڪري مستقبل جو وڏو سوال اهو آهي تہ ڇا مشين انسان کي ختم ڪندي يا انسان مشين کي پنهنجو تابع بڻائي سگهندو؟
تضاد ـ فطرت جو بنيادي قانون:
مارڪس جي جدليات ۾ “تضاد” کي ڪائناتي حرڪت جو محور قرار ڏنو ويو آهي۔ جيئن اينگلس Dialectics of Nature ۾ لکي ٿو: “حرڪت ئي زندگيءَ جو بنيادي روپ آهي ۽ حرڪت تضاد کان سواءِ ممڪن ناهي”. زندگي ۽ موت، خير ۽ شر، سرمائيدار ۽ مزدور، سڀ هڪ ئي ڪائناتي توازن جا جز آهن۔ جڏهن هڪ قوت وڌندي آهي تہ ٻي پاڻمرادو جنم وٺندي آهي۔
هيءَ جدلياتي توازن فطرت جي اندر جو قانون آهي، جنهن کي انسان بہ تبديل نٿو ڪري سگهي۔ اهوئي سبب آهي جو جڏهن سرمائيداري پنهنجي طاقت جي انتها تي پهچندي آهي تہ ان جي مقابلي ۾ عوامي يا انقلابي قوتون پاڻمرادو اڀرنديون آهن۔ جيئن سوويت يونين جو قيام، چين جو انقلاب يا جديد عالمي مزدور تحريڪن مان اها ڳالھ واضح ٿي رهي آهي۔
عالمي توازن ۽ انسان جي بقا:
فطرت جو قانون آهي تہ ڪا بہ قوت مڪمل خودمختيار نٿي رهي سگهي. روس، چين يا آمريڪا سڀ هڪ ٻئي تي دارومدار رکن ٿا ۽ اهو توازن ئي بقا جو بنيادي اصول آهي. مارڪس جي جدلياتي فلسفي مطابق، “حرڪت ۽ توازن تضادن جي اتحاد مان پيدا ٿين ٿا”.
اڄ جي دنيا ۾ جيڪڏهن هڪ طرف سرمائيداري ٽيڪنالاجيءَ ذريعي انسان تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهي ٿي تہ ٻئي طرف علم، مواصلات ۽ شعور جا اوزار انسان کي اڳ کان وڌيڪ باخبر بڻائي رهيا آهن۔ هيءَ جدلياتي حرڪت ئي ڪائناتي ۽ سماجي بقا جو بنياد آهي۔ فطرت ۾ جيئن تہ مڪمل اونداهي نہ هوندي آهي، تيئن ئي سماج ۾ بہ مڪمل تسلط ممڪن نہ آهي۔
جدلياتي نظرئي مان مستقبل جو جائزو:
ڪارل مارڪس جي فڪر کي جديد دور ۾ ٻيهر پڙهڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ تہ اڄ جي مصنوعي ذهانت ۽ سرمائيداري نظام ۾ ساڳيا تضاد موجود آهن، جيڪي مارڪس پنهنجي دور ۾ ڏٺا هئا، فقط اوزار تبديل ٿي ويا آهن۔ هاڻي استحصال رڳو ڪارخانن ۾ نہ پر ڊيٽا سينٽرن ۾ ٿي رهيو آهي۔ هاڻي غلامي زنجيرن سان نہ پر “الگورٿم” ۽ “سوشل ميڊيا” جي بيماري سان جاري آهي۔ پر جيئن مارڪس چيو آهي تہ، “انساني شعور وجود مان پيدا ٿئي ٿو”، تيئن جڏهن انسان پنهنجي وجود جي حقيقت سمجهي وٺندو تہ هو ڪنهن بہ نظام جي غلاميءَ کي قبول نہ ڪندو۔ ٽيڪنالاجي ۽ علم جي وسيع ڦهلاءُ سان اهو شعور وڌي رهيو آهي۔
انسان، تضاد ۽ نئين اميد:
مارڪس جو جملو اڄ جي دور ۾ اڳ کان وڌيڪ سچ لڳي ٿو۔ سرمائيداري نظام پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ سان پاڻ کي غير انساني بڻائي رهيو آهي۔ پر جدلياتي اصول چوي ٿو تہ، “جتي ظلم وڌندو آهي، اتي بغاوت بہ جنم وٺندي آهي”. مصنوعي ذهانت ۽ روبوٽس شايد انسان کي ڪم کان ڌار ڪن پر انساني تخليق، محبت ۽ فڪر جي قوت ڪنهن بہ مشين ۾ پيدا نٿي ڪري سگهجي۔انسان جڏهن پنهنجي شعور کي سڃاڻي ٿو تہ هو هر نظام جي زنجير ٽوڙي سگهي ٿو۔
آخر ۾، مارڪس جو اهو فڪر اڄ بہ رهنمائي ڪري ٿو تہ ڪابہ ٽيڪنالاجي انسان کان مٿي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽيڪنالاجي بہ انسان جي تخليق آهي ۽ تخليق هميشه پنهنجي خالق جي بقا تي دارومدار رکي ٿي۔ اهو ئي فطرت جو توازن آهي، جيڪو جدليات جو قانون آهي ۽ جنهن سان دنيا جو وجود قائم آهي۔