تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

جديد انساني غلامي (هيومن ٽريفڪنگ) … مصور منگي

انساني غلاميءَ جي تاريخ ايتري ئي پراڻي آهي جيتري بادشاهت ۽ جاگيرداري. اسين تاريخ ۾ پڙهندا آيا آهيون ته آفريڪا کان وٺي مشرق وسطيٰ ۽ مشرق وسطيٰ کان وٺي سنڌ تائين بلڪِ پوري دنيا ۾ غلامداري سماج ۽ مظلوميت جي هڪ وڏي تاريخ رهي آهي. پر ان انساني غلاميءَ ۽ اڄوڪي جديد غلاميءَ ۾ فرق آهي. اوائلي انساني غلامي ائين هئي ته ڪو اثر رسوخُ رکندڙ ماڻهو مثال طور وڏيرو، بادشاهه يا ڪو سياسي ليڊر ماڻهن کي خريد ڪندو هو يا ان وقت جي بيوروڪريسي ماڻهن کي اٽي، لٽي ۽ اجھي جي چڪر ۾ پاڻ وٽ غلام رکي متاثر ماڻهن کان جبري پورهيو وٺندي هئي ۽ وحشياڻو تشدد پڻ ڪيو ويندو هو. هن وقت دنيا جي اهم مسئلن مان هيومن ٽريفڪنگ پڻ اهم مسئلو آهي، هيومن ٽريفڪنگ جديد انساني غلاميءَ کي چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ڪجهھ ماڻهو هن کي هيومن اسمگلنگ (انسانن جو غير قانوني وڪرو) چئي رهيا آهن. پر آمريڪا جي هڪ شعبي يو.ايس هوم_لينڊ سيڪيورٽي موجب هن کي هيومن اسمگلنگ نٿو چئي سگهجي ڇاڪاڻ ته هيومن اسمگلنگ ۾ طاقتور ڌرين جي ملوث هجڻ سبب ماڻهن کي جهاز يا ٻين سرحدن ذريعي سمگلنگ ڪيو ويندو آهي جيتوڻيڪ هوندي ته اها به غير قانوني ئي آهي پر هيومن ٽريفڪنگ ۾ هر اهو حربو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو غير قانوني هوندو آهي مثال طور ملڪي سرحد جو غير قانوني استعمال، متاثر شخص کي ورغلائڻ، نشو ڏيئي کڻي وڃڻ، بليڪ ميل ڪرڻ يا سندس نفسياتي ٽارچر ڪري آماده ڪرڻ. جڏهن ته هيومن ٽريفڪنگ کي روڪڻ لاءِ پوري دنيا ۾ مختلف خانگي توڙي سرڪاري ادارا پنهنجي ڪوششن آهر ڪم ڪري رهيا آهن پر پاڪستان ۾ ان بابت ڪا خاص حڪمتِ عملي نظر نه اچي رهي آهي.
هيومن ٽريفڪنگ ۾ متاثر شخص کي سيڪس ورڪر، جبري پورهيو يا فحش فلمن ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته متاثر شخص کي اهڙي قسم جي سرگرمين ڪرڻ تي کين والدين، سندنِ چاهيندڙ _ پيار ڪندڙ، پاڙيسري يا اهڙا اعتماد جوڳا ماڻهو وڪرو ڪري رهيا آهن جن تي کينِ پختو يقين هوندو آهي. جيڪي کينِ پئسي جي لالچ توڙي بيرونِ ملڪ گهمڻ جي آڇ ڏيندا آهن. هيومن ٽريفڪنگ ۾ نه رڳو عورتون پر ٻار توڙي مرد استعمال ٿي رهيا آهن پر اهڙين سرگرمين ۾ ٽئين جنس جو وڪرو پڻ عروجُ تي آهي. آمريڪا جي هڪ خانگي اداري جي تحقيق موجب هيومن ٽريفڪنگ ۾ استعمال ٿيندڙ، عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي ان جو سبب هڪ ئي آهي ته عورت کي چوديواري ۾ قيد رکڻ توڙي نفسياتي طرح ورغلائڻ تمام آسان سمجهيو ويندو آهي. جنهن سبب عورت کي سيڪس ورڪر توڙي جبري پورهيي طور چڱي نموني استعمال ڪيو وڃي ٿو.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هيومن ٽريفڪنگ جا ڪيس آمريڪا ۾ ڏٺا ويا آهن جن کي هڪ ئي وقت سيڪس ورڪر توڙي هوٽلن ۾ جبري پورهيي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي انهن متاثر ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ آمريڪا توڙي ٻين ملڪن جون سَوَنِ جي تعداد ۾ تنظيمون سرگرم آهن جن کي واپس پنهنجي ڏيھه اماڻيو پيو وڃي. ان کان علاوه ڪيترائي ڪيس اهڙي نوعيت جا به آهن جيڪي پنهنجي ئي گهرن ۾ سيڪس ورڪر طور استعمال ٿي رهيا آهن اهڙي قسم جي ڪيسن ۾ ملوث، متاثره عورتن يا ٽئين جنس جي چاهيندڙ جو تعداد آهي جيڪي کين نفسياتي ٽارچر يا بليڪ ميل ڪري استعمال ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ ٿيندڙ هيومن ٽريفڪنگ، خاص ڪري ڪراچي ۽ لاهور ۾ اهڙي قسم جا ڪيس عام جام ملي رهيا آهن.
اولهه جي ملڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو اڪيلا رهڻ پسند ڪندا آهن جيڪي خاص ڪري جبري پورهيي طور پنهنجي ئي گهرن ۾ هيومن ٽريفڪنگ ڪندڙ ماڻهن طرفان استعمال ٿي رهيا آهن. مغربي سماج خاص ڪري مشرقي سماج جي ڀيٽ ۾ جنسي احساسي ڪمتريءَ ۾ نه هجڻ برابر آهي جنهن جو سبب يورپ ۾ هيومن ٽريفڪنگ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو گهڻي ڀاڱي سيڪس ورڪر ٿيڻ کان بچي رهيا آهن ان جي ڀيٽ ۾ کانئن جبري پورهيو وڌيڪ ورتو ويندو آهي. ڪجھه ماهرن جو خيال آهي ته اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي اڪيلو گهاري رهيا آهن اهي هيومن ٽريفڪنگ مان پنهنجي جانِ آجي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون پڻ تمام گهٽ وٺي رهيا هوندا آهن ڇاڪاڻ ته کين آزادي ملڻ کانپوءِ اڪيلو رهڻ جو خوف کائي رهيو هوندو آهي. پر باوجود ان جي اهڙي قسم جا متاثر ماڻهو جلد ئي اهڙين تنظيمن جي ور چڙهي ويندا آهن جيڪي کينِ واپس ڏيهه موڪلي رهيون هونديون آهن. آمريڪا جي تنظيمن جو اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ بابت خيال آهي ته اهي سندنِ چهري تي تشدد، مايوسي، تنگي، تنهائي ۽ بيزاريءَ واريون ڪيفيون ڏسي سڃاڻي وينديون آهن ۽ کين وڌيڪ جانچڻ جون ڪوششون وٺنديون آهن. اهڙي قسم جي صورتحال بابت هاليووڊ جي فلم انڊسٽريءَ طرفان ڪيتريون ئي فلمون جاري ڪيون ويون آهن جيڪي ڏسڻ وٽان آهن. پر برصغير ۾ اهڙي ڳنڀير قسم جي مسئلي کي الائي ڇو نظر انداز ڪيو ويو آهي جنهن سبب نه فقط ڪا پاڪستاني پر باليووڊ فلم به، ٺهيل نه آهي جيڪڏهن ٺهيل به آهي ته اها ايترو مقبول نه آهي.
چيو وڃي ٿو ته جيئن جيئن دنيا ۾ گلوبلائيزيشن پنهنجو زور وٺندي ويندي تيئن تيئن اهڙي قسم جون سرگرميون وڌنديون وينديون ڇاڪاڻ ته گلوبلائيزيشن جي دور ۾ ملڪن جو سرحدون فقط وڃي آرٽيفيشل بنيادن تي بيهنديون.جڏهن ته هيومن ٽريفڪنگ جي هڪ ڀيانڪ صورتحال هيءَ به آهي ته متاثرن کي فوجي يا فوج جي اداران ۾ جبري پورهيو ڪرڻ لاءِ به ڀرتي ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ متاثر، نوجوان مردن کي جنگين، دشمن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ، فوجي ادارن ۾ بورچي طور استعمال ڪرڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ آهي. ان کان علاوه نوجوان ڇوڪرين کي فوجي آفيسرن سان شآديون يا کينِ ڪنيزن طور استعمال ڪرڻ پڻ ڏنو ويندو آهي نه فقط ايترو پر جنگين ۾ فوجين سان همبستري ڪرائڻ لاءِ پڻ هر روز سيڪس ورڪر طور به استعمال ڪيو ويندو آهي. مان مٿي چئي چڪو آهيان ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي تنظيمون آهن جيڪي هيومن ٽريفڪنگ کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن انهن مطابق جيڪا شماريات پهچائي وئي آهي انهن ۾ 51 سيڪڙو عورتون جڏهن ته 28 سيڪڙو ٻار ۽ 21 سيڪڙو مرد آهن. ان کان علاوه ٽين جنس جي ماڻهن بابت ڪا ڄاڻ نه ڏني وئي آهي جنهن بابت ڊيٽا اچڻ جي سخت ضرورت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *