جديد تعليم جو چئلينج: انگريزي يا مادري ٻوليون؟ … سڪندر گلاب سومرو

                 انسان ۽ جانور جي وچ ۾ هڪ بنيادي فرق اهو آهي ته انسان سدائين جستجو، سکيا ۽ بهتري جي تلاش ۾ رهندو آهي، جڏهن ته جانور صرف پنهنجي فطري ضرورتن ۽ جبلتي خواهشن جي پورائي تائين محدود هوندا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو انسان پنهنجي عقل، شعور ۽ تجربي جي بنياد تي ڪيترين ئي مشڪلاتن مان نڪري اڳتي وڌي ٿو، جڏهن ته جانورن وٽ اهڙي شعوري ترقي جي صلاحيت موجود ناهي. جڏهن اسان جديد دنيا جو جائزو وٺون ٿا ته اسان کي اهو صاف نظر اچي ٿو ته انسان جي هر ترقي، هر ڪاميابي ۽ هر ناڪامي جي پٺيان تعليم جو بنيادي ڪردار رهيو آهي. تعليم نه صرف فرد جي ذهني اوسر جو ذريعو آهي، پر اها سماجي ترقي، معاشي استحڪام ۽ روحاني سڪون جو به بنياد آهي. هڪ سٺي تعليمي نظام جي ذريعي ئي معاشرا ترقي ڪن ٿا ۽ قومون پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکندي عالمي سطح تي اڳتي وڌن ٿيون. وقت سان گڏ تعليم جا طريقا، مقصد ۽ وسيلا تبديل ٿيندا رهيا آهن. قديم دور ۾ تعليم سادي، مقامي ۽ روايتي هئي، جتي مادري ٻولين ۾ علم منتقل ڪيو ويندو هو. استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ سڌو تعلق هوندو هو ۽ تعليم جو مقصد زندگي جي بنيادي مهارتن ۽ اخلاقي قدرن جي تربيت هوندو هو. پر جيئن جيئن دنيا ترقي ڪئي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ واڌارو آيو، تعليم جا طريقا به جديد ۽ پيچيده ٿيندا ويا. خانگي تعليمي ادارن جي وڌڻ سان تعليم ۾ مقابلي جو رجحان وڌيو، جنهن تعليم کي هڪ حد تائين واپاري شڪل به ڏئي ڇڏي. اشتهارن، برانڊنگ ۽ اعليٰ معيار جي دعوائن سان گڏ انگريزي ٻولي کي تعليم جو مرڪز بڻايو ويو. نتيجي طور، سماج ۾ اهو تصور مضبوط ٿيو ته معياري تعليم صرف انگريزي ميڊيم ادارن ۾ ئي ملي سگهي ٿي. اهڙي سوچ سبب والدين وڏي انگ ۾ پنهنجن ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لڳا، جڏهن ته سرڪاري ادارا پوئتي رهجي ويا. هي رجحان هڪ طرف جديد تعليم جي طرف لاڙو ڏيکاري ٿو، پر ٻئي طرف ھي به حقيقت آهي ته اهڙي تعليم ڪيترن ئي ٻارن کي پنهنجي مادري ٻولي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کان پري ڪري رهي آهي. ٻار جڏهن پنهنجي بنيادي تعليم مادري ٻولين بدران ڪنهن ٻي ٻولي ۾ حاصل ڪن ٿا ته انهن جي سوچ، اظهار ۽ سمجهه تي به اثر پوي ٿو. ٻئي طرف، ھن ڳالھ کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته موجوده عالمي دور ۾ انگريزي ٻولي جي اهميت تمام گهڻي وڌي وئي آهي.

انگريزي اڄ دنيا جي اهم ترين بين الاقوامي ٻولي بڻجي چڪي آهي. سائنس، ٽيڪنالاجي، طب، انجنيئرنگ ۽ جديد تحقيق جو وڏو حصو انگريزي ۾ موجود آهي. اهڙي صورتحال ۾ انگريزي کان بغير عالمي علم تائين مڪمل رسائي حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. انگريزي زبان سان واقفيت رکندڙ شاگردن کي بغير ترجمي جي جديد ڪتابن، تحقيقي مقالن ۽ آن لائين وسيلن تائين سڌي رسائي حاصل هوندي آهي. هي سڌي رسائي انهن کي علمي طور وڌيڪ مضبوط، باخبر ۽ خودمختيار بڻائي ٿي. اعليٰ تعليم جي ميدان ۾ به انگريزي زبان اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ تعليم انگريزي ۾ ڏني وڃي ٿي. اهڙي ريت انگريزي ميڊيم اسڪولن مان تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد يونيورسٽي جي ماحول، مقابلي جي امتحانن ۽ بين الاقوامي اسڪالرشپس لاءِ وڌيڪ تيار هوندا آهن. انهن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا وڌيڪ آساني سان کلي وڃن ٿا، جڏهن ته مقامي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ڪڏهن ڪڏهن اضافي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزگار جي حوالي سان به انگريزي ٻولي وڏي اهميت رکي ٿي. ملٽي نيشنل ڪمپنيون، غير سرڪاري تنظيمون، آءِ ٽي شعبي، ميڊيا، سفارتڪاري ۽ واپار جهڙا ڪيترائي شعبا انگريزي کي بنيادي رابطي جي ٻولي طور استعمال ڪن ٿا. انگريزي ۾ مهارت رکندڙ نوجوانن لاءِ نه صرف نوڪري جا موقعا وڌيڪ هوندا آهن، پر انهن جي ترقي جا امڪان به روشن هوندا آهن. انگريزي ٻولي شاگردن ۾ عالمي رابطن جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي. اها مختلف ملڪن ۽ ثقافتن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو ذريعو آهي. انگريزي سکيل شاگرد عالمي فورمن، ڪانفرنسن ۽ آن لائين پليٽفارمن تي پنهنجو اظهار بهتر نموني سان ڪري سگهن ٿا جيڪو انهن جي شخصيت ۾ اعتماد ۽ ڪشش پيدا ڪري ٿو. ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ به انگريزي جي اهميت تمام گهڻي آهي. ڪمپيوٽر سافٽ ويئر، پروگرامنگ ٻوليون، آن لائين اوزار ۽ فني دستاويز گهڻو ڪري انگريزي ۾ هوندا آهن. ننڍي عمر کان انگريزي سان واقفيت رکندڙ شاگرد جديد ٽيڪنالاجي سان جلدي هم آهنگ ٿي وڃن ٿا ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ وڌيڪ مهارت حاصل ڪن ٿا. تنهن هوندي به، مادري ٻولين جي اهميت کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مادري ٻولي ٻار جي سکيا جو پھريون ۽ بنيادي ذريعو هوندي آهي. اها نه صرف سندس سوچ ۽ فهم کي مضبوط بڻائي ٿي پر سندس جذباتي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو بنياد به هوندي آهي. تحقيق پڻ ثابت ڪري ٿي ته ٻار پنهنجي مادري ٻولي ۾ بهتر سکندا آهن ۽ سندن ذهني ترقي وڌيڪ موثر نموني سان ٿيندي آهي.

سنڌي، پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائڪي ۽ اردو جهڙيون ٻوليون اسان جي ثقافتي ورثي جو اهم حصو آهن. اهي ٻوليون صرف رابطي جو ذريعو ناهن پر اهي تاريخ، روايتن ۽ قدرن جون امين ٻوليون به آهن. جيڪڏهن اسان انهن ٻولين کي نظرانداز ڪنداسين ته اسان پنهنجي سڃاڻپ کي به خطري ۾ وجهي ڇڏينداسين. ان ڪري، هڪ متوازن ۽ گهڻ لساني تعليمي نظام وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙو نظام، جتي ٻار پنهنجي مادري ٻولي ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪن. جڏهن ته ساڳي وقت انگريزي ۽ ٻين عالمي ٻولين ۾ به سکڻ جي موقعن کي لازمي حاصل ڪن. هي طريقو نه صرف شاگردن کي علمي طور سگھارو بڻائيندو پر انهن کي عالمي سطح تي سڃاڻپ ۽ مقابلي جي قابل به بڻائيندو. تعليمي پاليسي ٺاهيندڙن لاءِ ضروري آهي ته اهي زبانِ تعليم واري مسئلي کي سنجيدگي سان وٺن. نصاب کي اهڙي طريقي سان ترتيب ڏنو وڃي جو ان ۾ مادري ٻولين اھميت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ئي نھ ھجي ۽ نھ صرف ايترو پر انھن کي مناسب جڳهه ڏيڻ سان گڏ انھن کي ھڪ ٻار جوڳ بنيادي حق بھ تسليم ڪيو وڃي. جڏهن ته ٻين ھڙني خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جهڙن سبجيڪٽس لاءِ انگريزي ۾ ڇپيل ڪتابن / نصاب کي وڌيڪ ترجيح ڏني وڃي. نتيجي طور، چئي سگهجي ٿو ته جديد دور ۾ تعليم جو مقصد صرف نوڪري حاصل ڪرڻ نه پر هڪ باشعور، ذميوار ۽ متوازن شخصيت جي اڏاوت آهي. انگريزي ٻولي يقيناً ترقي جا دروازا کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ھن احساس کان انڪار ڪرڻ ئي نھ گھرجي. مادري ٻوليون اسان جي وجود، اسان جي سڃاڻپ ۽ اسان جي /ڏسو صفحو 5 بقايا 01

فڪري آزادي جو بنياد آھن، ٻارن جي ھن بنيادي حق کي بھ تسليم ڪيو ڪرايو وڃي. تنھنڪري، اسان کي ڪنهن هڪ ٻولي کي ترجيح ڏيڻ بدران ٻنهي جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ گهرجي. اهڙي حڪمت عملي سان ئي اسان ايندڙ پيڙھين کي نه صرف عالمي دنيا لاءِ تيار ڪري سگهنداسين پر انهن کي پنهنجي ڌرتي، ثقافت ۽ سڃاڻپ سان به مضبوط نموني سان ڳنڍي سگهنداسين. اهو ئي هڪ پائيدار، متوازن ۽ روشن مستقبل جو رستو آهي. اچو تھ پنھنجي ٻارن جي روشن ۽ عالمي مستقبل جي لاءِ عالمي ٻولين خاص طور تي انگريزي ٻولي سان گڏ مادري ٻولين جي علمي واھپيداري کي مڃتا ڏيون ۽ تسليم ڪيون ۽ جديد تعليم جي چئلينجن کي دل سان قبول ڪري اڳتي وڌون.