اڄ جي دنيا هڪ عجيب تضاد جو شڪار آهي. هڪ طرف ٽيڪنالاجي، هٿرادو ذهانت ۽ عالمي پيداوار پنهنجي عروج تي آهي، جڏهن تہ ٻي طرف غربت، بيروزگاري، جنگيون ۽ نفسياتي بي چيني بہ وڌي رهي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ سوال اهو آهي تہ جڏهن دنيا وٽ ايترا وسيلا موجود آهن، جو دنيا ۾ موجود سمورن انسانن جون بنيادي ضرورتون آساني سان پوريون ٿي سگهن ٿيون تہ پوءِ ماڻهو بک، بيماري ۽ خوف ۾ ڇو جيئندا رهيا آهن؟ ڇا مسئلو وسيلن جي کوٽ جو آهي يا انهن جي ورڇ جو نظام غلط آهي؟ هتي سوشلزم هڪ اهم نظريي طور سامهون اچي ٿو، ۽ اسان جي رهنمائي ڪري ٿو، جنهن کي ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس سائنسي بنيادن تي پيش ڪيو.
موجوده سرمائيداراڻو نظام: ترقي يا تضاد؟
سرمائيداري نظام جو بنيادي اصول منافعو (profit) آهي. ان نظام هيٺ پيداوار ان بنياد تي ڪئي ويندي آهي تہ جيئن وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهجي. ان نظام ۾ مزدورن کي سندن محنت کان گهٽ معاوضو ملي ٿو ۽ دولت آهستي آهستي چند ماڻهن وٽ گڏ ٿيندي وڃي ٿي. مثال طور: دنيا جي هڪ سيڪڙو 1 ماڻهن وٽ دنيا جي اڌ کان وڌيڪ دولت موجود آهي ۽ لکين ماڻهو اڃان بہ صاف پاڻي، تعليم ۽ صحت کان محروم آهن. ان جو نتيجو اهو آهي جو معاشي اڻبرابري آهي، سماجي بي چيني عروج تي آهي ۽ وسيلن جي حاصلات لاءِ عالمي طاقتن ۾ مقابلو جاري آهي ۽ اهو مقابلو اڪثر جنگين جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ جنگيون اصل ۾ مفادن جي ٽڪراءَ جو نتيجو هونديون آهن. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ جنگيون گهڻو ڪري وسيلن (تيل، گئس، زمين) جي قبضي لاءِ، مارڪيٽن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ۽ سياسي اثر وڌائڻ لاءِ وڙهيون وينديون آهن. ان جو وڏو مثال عراق جنگ آهي، جتي ڪيترن تجزيي نگارن مطابق معاشي ۽ خطي جي سياسي مفادن اهم ڪردار ادا ڪيو. جنگين جو افسوسناڪ پاسو اهو آهي تہ ان جو بار غريب عوام، مزدور ۽ پورهيتن جا ٻار برداشت ڪندا آهن جڏهن تہ فائدو طاقتور طبقا کڻندا آهن۔
سوشلزم- هڪ متبادل تصور:
سوشلزم جو بنيادي اصول آهي تہ، پيداوار جا ذريعا (زمين، ڪارخانا، قدرتي وسيلا) سماج جي گڏيل ملڪيت هجن. ان جو مقصد هر انسان کي بنيادي ضرورتن جي ضمانت ڏيڻ آهي، جتي دولت جي انصاف ڀري ورڇ ٿئي ۽ انساني وقار جي بحالي اوليت هجي.
لالچ: انساني فطرت يا حالتن جو نتيجو؟
اڪثر اهو چيو ويندو آهي تہ انسان “لالچي” آهي، ان کي گهڻو گهرجي ٿو. اها ان جي فطرت آهي، تنهنڪري سوشلزم ممڪن ناهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي تہ لالچ، حرص ۽ مقابلي بازي سماجي خوف جي پيداوار آهن۔ جنهن ۾ بيروزگاري جو خوف، بيماري جو خوف، مستقبل جي غير يقيني صورتحال جو خوف. انهن حالتن ۾ ماڻهو وڌيڪ گڏ ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ان لاء هو هر غيرقانوني ڪم ڪن ٿا ته جيئن مٿي ڄاڻايل خوف کي منهن ڏئي سگهن پر جيڪڏهن هر انسان کي بنيادي تحفظ ملي، سندس تعليم ۽ صحت مفت هجي، کيس روزگار جي ضمانت هجي تہ هن جو خوف گهٽجي ويندو. سندس نظام تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ منجهانئس لالچ آهستي آهستي ختم ٿيندي ويندي ۽ اهو ئي هڪ ڪميونسٽ سماج جو بنياد آهي.
تاريخي تجربا- ڪاميابيون ۽ ناڪاميون:
1.سوويت يونين (USSR): تيزي سان صنعتي ترقي
ڪئي، تعليم ۽ صحت ۾ وڏا سڌارا آندا، غربت ۽ بيروزگاري تي ڪنهن قدر ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر سماج ۾ سياسي آزادي جي کوٽ هئي، بيوروڪريسي جو ڪنٽرول وڌي ويو هو. ان کان علاوه سرد جنگ مٿس مڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو معاشي بحران جو شڪار ٿي ٽٽي ويو.
2.چين: چين وٽ هن وقت رياستي ڪنٽرول ۽ مارڪيٽ جي ميلاپ جو سسٽم آهي. هن لکين ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو آهي پر اتي سماج ۽ معاشي اڻبرابري اڃان موجود آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاء هو ڪوششون ڪري پيو.
3.ڪيوبا: ڪيوبا وٽ صحت ۽ تعليم عالمي معيار موجب آهي پر مٿس عالمي معاشي پابندين سبب مسئلا درپيش آهن.
4.فلاحي رياستون: (جهڙوڪ ناروي، سوئيڊن)
جيتوڻيڪ اتي مڪمل سوشلزم ناهي پر اهي مضبوط فلاحي رياستون آهن، جتي مفت صحت ۽ تعليم آهي، اڻبرابري گهٽ آهي. اهي مثال ڏيکارين ٿا تہ سوشلزم جي روح کي مختلف شڪلين ۽ جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو۔
جديد دور ۾ سوشلزم ڪيئن هجي؟
1.مخلوط معيشت:
اهم شعبا (صحت، تعليم، توانائي) رياست وٽ هجن، باقي شعبن ۾ محدود مارڪيٽ آزادي هجي، جيستائين سماج مان غربت جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي ۽ سمورن شهرين جون بنيادي ضرورتون پوريون نٿيون ٿين ۽ خوشحالي نٿي اچي
2.ٽيڪنالاجي جو استعمال:
آٽوميشن سان پيداوار وڌائي ڪم جا ڪلاڪ گهٽائي سڀني لاء بنيادي انساني ضرورتون مهيا ڪري سگهجن ٿيون, جيئن ماڻهو تخليق ۽ ايجادن کي وڌيڪ وقت ڏيئي سگهي.
3.عالمي تعاون:
مقابلي بدران تعاون کي فروغ ڏنو وڃي تہ جيئن عالمي وسيلن جي انصاف ڀري ورڇ ٿي سگهي.
4.جمهوري سوشلزم:
اظهار جي آزادي، عوامي شرڪت ۽ مضبوط انصاف ۽ احتساب جو نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي.
غربت جو خاتمو: ممڪن يا خواب؟
دنيا وٽ ايترا وسيلا موجود آهن جو هر انسان کي کاڌو، رهائش ۽ علاج ملي سگهي ٿو پر مسئلو وسيلن جي ناانصافي تي ٻڌل ورڇ جو آهي. جيڪڏهن منافعو بنيادي مقصد نہ هجي ۽ ان جي جاء تي انساني ضرورتن جي پورائي کي مقصد بڻايو وڃي تہ غربت جو خاتمو ممڪن آهي۔
جنگين کان پاڪ دنيا ڪيئن ٿيندي؟
جنگين جا بنيادي سبب وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ، معاشي مفاد حاصل ڪرڻ ۽ سياسي طاقت کي وڌائڻ آهي. سوشلزم اهي سبب گڏيل مالڪي ذريعي ۽ عالمي برادري سان بهتر لاڳاپن ۽ ثقافتي تعاون ذريعي گهٽائي سگهي ٿو. بقول لينن تہ جيستائين دنيا ۾ پنجاهه سيڪڙي کان مٿي ملڪن ۾ سوشلزم عملي طور تي لاڳو ٿي ويو تہ ڪابه قوت ان کي ختم نٿي ڪري سگهي. ٻئي صورت ۾ ان کي سرمائيداري طرفان هميشه خطرو رهندو، جيڪو هيستائين هلندو ٿو اچي.
انساني نفسيات ۽ سماج جو مستقبل:
جيڪڏهن سماج مان خوف ختم ٿئي، ماڻهن کي تحفظ ملي ۽ مقابلي بدران هڪٻئي سان تعاون واري فضا قائم ٿئي، جيڪا نصاب وسيلي ممڪن بڻائي سگھجي ٿي تہ انسان جي تخليقي قوت ۾ واڌارو ٿيندو، علم، فن ۽ انسانيت ترقي ڪندي ۽ اهو سماج آهستي آهستي مقابلي کان تعاون ڏانهن، لالچ کان اطمينان ڏانهن ۽ خوف کان آزادي ڏانهن وڌندو ۽ اتان ئي پوء اشتراڪي سماج ڏانهن وک وڌائيندو..
تنقيدي نظر: حقيقت پسندي ضروري آهياهو بہ ضروري آهي تہ سوشلزم کي مڪمل حل نہ سمجهيو وڃي، ماضي جي غلطين مان سکيو وڃي. طاقت جي مرڪز ٿيڻ کي روڪيو وڃي تہ سماج مان خوف ۽ لالچ جو خاتمو ٿيندو ۽ هڪ پرامن سماج جنم وٺندو. اها هڪ فلسفياتي سچائي آهي تہ جيڪڏهن سوشلزم، پنهنجي اصل روح مطابق، جديد حالتن سان هم آهنگ ٿئي ۽ انساني آزاديءَ سان گڏ لاڳو ڪيو وڃي،
تہ اهو موجوده نظامن کان وڌيڪ انساني، انصاف ڀريو ۽ پائيدار نظام ٿي سگهي ٿو پر اهو عمل شعور، جدوجهد ۽ عالمي تعاون گهري ٿو. هڪ اهڙو سماج ممڪن آهي، جتي انسان، انسان لاءِ خطرو نہ پر سهارو بڻجي ۽ اهو ئي سوشلزم جو حقيقي خواب آهي.