جديد دور کي شڪست: ڪڙيي گهنور ۾ اڄ به ٺڪر جا ٿانوَ استعمال، اسٽال سجي ويا

جديد دور کي شڪست: ڪڙيي گهنور ۾ اڄ به ٺڪر جا ٿانوَ استعمال، اسٽال سجي ويا

ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور ۾ اڄ جي جديد دور ۾ کاڌي پيتي لاءِ ٺڪر وارا ٿانوَ  استعمال ڪيا وڃن ٿا، اگهه گهٽ آهن، قدردادن به ساڳيا ناهن رهيا پر پوءِ به هتان جا ڪنڀار پنهنجي  اباڻي ڪرت سان نڀايون پيا اچن، اڄ به پراڻي دور جا جهونا ٺڪرن جي ٿانون مٽ دلي ۽ نانڌ جي پاڻي پيئڻ کي وڏي ترجيع ڏين ٿا ، جڏهن ته  گرمي  جو مهينو شروع ٿيندي ئي  ڪڙيوگهنور  شھر ۾ مٽي جي خوبصورت ٿانون جا اسٽال سجي وڃن ٿا  ۽ مٽي جي ٿانون جو وڪرو عروج تي پهچي وڃي ٿو  رپورٽ موجب ڪڙيوگهنور  ۾ هر سال  گرمي جي موسم ۽  محرم الحرام جا ڏهاڙا شروع ٿيندي ڪڙيوگهنور  جي  بازار ۽ مختلف روڊن تي مٽي جي ٿانون جا ڪيترائي اسٽال لڳايا وڃن ٿا . مٽي جي ٿانون جي اسٽالن تي پيئڻ جي پاڻي لاءِ دلا، مٽ، ناديون ، دانگهي ، مٽڪيون  ۽ مٽي جا ڪولر رکيا وڃن ٿا ، عورتون به گهرن ۾ کير ڄمرائڻ ۽  لسي ٺاهڻ لاء مٽي مان ٺهيل ماٽيون استعمال ڪن ٿيون  جڏهن ته ٻوڙ ڀاڄي ۽ ڀت رڌڻ وارا ڪنا، ڏڌ کير ولوڙڻ واريون ماٽيون، مٽي جا تباک ۽ ٻين ٿانون سميت ٻارڙن جي راند ڪرڻ جا رانديڪا شامل آهن. جن جو ويڪرو زور شور سان جاري آهي. هر سال ڪڙيوگهنور شھر ۾ مٽي جي ٿانون جا اسٽال  12 مهينن تائين لڳايا وڃن ٿا. مٽي جي ٿانون جو ڪاروبار ڪندڙ مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جي مشهور ايوب ڪنڀار ، عيسي ڪنڀار  پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪڙيوگهنور  شھر سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ رهندڙ ڪنڀار ذات جا مرد توڙي عورتون مٽي جي ٿانون ٺاهڻ جو ڪم ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته اڄ به 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪنڀارن جا مرد ۽ عورتون هن هنر سان واڳيل آهن.  مٽي جي ٿانون ٺاهڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي ، پهريان چيڪي مٽي هٿ ڪري اها پسائي ماري انهيء مان پنوڙا ٺاهبا آهن ، پوء انهن پنوڙن مان مختلف ٿانوء ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪبو آهي. هوڏانهن مٽي جا ٿانون ٺاهيندڙ ايوب  ڪنڀار،  محمد شريف ڪنڀار ۽ علي نواز ڪنڀار پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مٽي مان ٿانون ٺاهڻ اسان جو خانداني پيشو آهي، هنن ٻڌايو ته ڪڙيوگهنور  شھر سميت تعلقي جي ڪنڀارن جا ٺاهيل مٽي جا ٿانون سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. هنن چيو ته مهنگائي واري دور ۾ وڏي محنت سان ٺاهيل مٽي جي ٿانون جو وڪرو صرف گرمي ۽ محرم الحرام  جي مهيني ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. جڏهن ته مٽي جا ٿانو ٺاهيندڙ ڪاريگر گرميون ۽ محرم الحرام   جي مهيني اچڻ کان ٻه ٽي مهينا اڳ مٽي جا ٿانون ٺاهي گرمي ۽ محرم جي مهيني ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هنن چيو ته مٽي جي ٿانون ٺاهڻ ۾ وقت ۽ وڏي محنت لڳي ٿي ، مٽي جا ڪچا ٿانوء ٺاهي پوء انهن کي آووي بٺي ۾ پچايو ويندو آهي ، وڏي محنت باوجود هٿ جي محنت سان ٺاهيل ٿانوء جو مناسب اگھ به نه ٿو ملي ، ان ڌنڌي ۾ هاڻي بجت ناهي پر اباڻو ڌنڌو ۽ هنر جي ڪري انهيء ڪم سان لڳا پيا آهيون
 

مٽي جي ٿانون جي الڳ سڃاڻپ، پاٽ ۾ کير ڀت کائڻ جو پنهنجو مزو

ڪڙيو گهنور: ٿڌي پاڻي لاء ناديون، دلا ۽ مٽ خريد ڪندڙ ماڻهن ايوب نوتڪاڻي ، عبدالرزاق مهيري ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسين هر سال گرمي  جي مهيني ۾ پيئڻ جي ٿڌي پاڻي لاء ناديون، دلا ۽ مٽ ۽ مٽي مان ٺهيل ڪولر خريد ڪندا آهيون، هنن ٻڌايو ته مٽي مان ٺهيل ٿانون جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ، ٺڪر جا ٿانوء استعمال ڪرڻ سان کائڻ سان مزو اچي ٿو خاص طور تي تباڪ ۾ کير  ڀت کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو هو  جنھن ڪري شهر توڙي ٻهراڙيء جا ماڻهو ٺڪر جا ٿانوء وڏي شوق سان خريد ڪندا هئا ، پر هينئر جي دور ۾ ٺڪر جي ٿانوء کي گهٽ اهميت ڏني وڃي ٿي اڳي زماني ۾ ماڻهو اڪثر ڪري پنهنجي شادين ۾ ٺڪر مان ٺهيل پليٽن جن کي ڦهيليون چوندا هئا خاص ڪري انهن ۾ مهمانن کي ڀت کارايو ويندو هو ، هنن چيو ته اڃا به پراڻي زماني جا پوڙها اڄ به پنهنجي گهرن ۾ ٺڪر جا ٿانوء استعمال ڪن ٿا ، جنهن ڪري هو هن دور جي نوجوانن کان به  صحتمند آهن ، ٺڪر جي ٿانوء ۾ کائڻ هڪ ته سنت ۾ شامل ٿئي ٿو ، ٻيو وري ماڻهو صحتمند ۽ بيمارين کان بچي ٿو .
 

ڪنڀارن جون عورتون به ڀَڙَ، چڪ بنا هٿ تي ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهين ٿيون
 

ڪڙيوگهنور: مٽي مان ٺهيل ٺڪر جا ٿانون وڪڻندڙ ايوب ڪنڀار ، عيسي ڪنڀار  شاهزيب ڪنڀار ۽ ٻين  پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ٺڪر جي ٿانون ۾ ڪجهه اهڙا ٿانوَ به آهن جيڪي چڪ بنا ڪنڀارن جون عورتون هٿ تي به ٺاهينديون آهن، مٽي جا ٿانون ٺاهڻ ڪنڀار ذات جي ماڻهن جو اباڻو ڌنڌو ۽ ڪاروبار آهي.