تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

جديد سياسي سماجي نظريا … ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

اوائلي دور کان وٺي انسان وحشي توڙي خونخوار رهندو آيو آهي ۽ پنهنجي مٿان هٿ ٺوڪيا نظريا مسلط ڪري پاڻ کي اڻڏٺل زنجيرن ۾ جڪڙيندو رهيو آهي پر جڏهن کان انسان هوش جي دنيا ۾ پير پاتو آهي ۽ ويجهي ماضي ۾ يورپ ۾ روشن خيالي جهڙي زبردست تحريڪ هلڻ کان پوءِ ماڻهن جي ذهنن مٿان ڪيئي هزار سالن کان چڙهيل ڪٽ لهي وئي ۽ ماڻهو اجاين وهمن وسوسن کان پنهنجي جند آجي ڪرائي نون جديد نظرين ۽ خيالن کي مڃڻ لڳا. اهڙن جديد نظرين يورپ جي سياسي توڙي سماجي وايومنڊل ۾ هڪ وڏو انقلاب برقا ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن جي عام رواجي زندگي ۾ مثبت تبديليون آڻي انسان کي واقعي اشرف المخلوقات بڻائي ڇڏيو. روشن خيالي جي تحريڪ جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن کي پنهنجي حقن جي خبر پئي ۽ اتان جي ڏتڙيل عوام کي پنهنجي حقن حاصل ڪرڻ جي همت پيدا ٿي. جيڪي اڳ ۾ ماڻهو پنهنجي غربت ۽ ڪسمپرسي واري حالت کي لکيي جو ليک سمجهي پنهنجي تقدير خدا طرفان لکيل سمجهي مٺي ماٺ ۾ پنهنجي اهڙي حالت کي برداشت ڪندا هئا، اهي انڌا ٻوڙا، گونگا هاڻي پنهنجي ڏتڙيل حالت کي بدلائي، تدبير سان پنهنجي تقدير بدلائڻ جا جتن ڪرڻ لڳا. يورپ جو سياسي توڙي سماجي ڍانچو تبديل ٿيڻ لڳو، پراڻيون شهنشاهتون، بادشاهيون عوامي سمنڊ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، حڪومت هلائڻ لاءِ عام عوام مان ڪوبه نمائندو چونڊڻ لاءِ اختيار به عام عوام کي ڏنو ويو. حڪومت جي سربراهه کي اهڙي طريقي سان چونڊڻ کي جمهوريت چيو ويو. جنهن جو مطلب عوامي راڄ، عوام طرفان چونڊيل، عوام جي ڀلائي لاءِ عوامي نمائندو هجي جيڪو عوام جي صحيح معنيٰ ۾ نمائندگي ڪري سگهي. اهڙي عوامي راڄ ۾ انسانن جي حقن جي طرفداري سان گڏو گڏ اتان جي هر جاندار جي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي. ماڻهن جي حقن جي پائمالي کي جرم سمجهڻ کان علاوه جانورن جي حقن لاءِ نوان قائده قانون جوڙيا ويا ۽ اهڙي طرح روءِ زمين تي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مهذب رياست جو بنياد پيو ۽ ماڻهو پنهنجي مٿان چڙهيل صدين جي دز لاٿي، پنهنجي اڻڏٺي غلامي جا طوق لاهي ڦٽا ڪيا ۽ حقيقي معنيٰ ۾ آزادي جي مزي کي ماڻڻ لڳا. دنيا جي قديم توڙي جديد سياسي ۽ سماجي نظرين کي هيٺ کولي سمجهايو وڃي ٿو.
ڪميونزم: اهڙو رياستي معاشرو جوڙڻ جنهن ۾ حڪومت وٽ رياست جي هر قسم جي وسيلن، معدنيات توڙي ڪارخانن جي مالڪي هجي. اهڙي رياست ۾ ڪنهن به اڪيلي فرد يا ڪنهن جماعت وٽ ڪابه ذاتي ملڪيت نه هوندي. اهڙي رياست جي جاگرافي حدن اندر جيڪا به ملڪيت هوندي اها حڪومت جي هوندي ۽ اهڙي رياست ۾ ذاتي ملڪيت رکڻ جي قانوني ڪا حيثيت نه هوندي. هي نظريو مارڪس ۽ لينن جي اصولن تي ٻڌل هجي ٿو ۽ اهڙي نظريي جو پايو وجهندڙ جرمنيء جو عظيم مفڪر ڪارل مارڪس آهي.
سوشلزم؛ هي رياستي معاشرو به ڪميونزم جهڙو ئي هجي ٿو بس هن ۾ هر قسم جي ملڪيت جي بدران ڪجهه خاص ڪارخانه ۽ خاص معدني وسيلا جيئن زمين، تيل، ڪوئلو، گئس يا اهم ڪارخانه حڪومت جي ملڪيت هوندا آهن. اهڙي رياست ۾ذاتي ملڪيت جي ڪجهه حد تائين اجازت مليل هوندي آهي.
ڪيپيٽلزم؛ هي حڪومتي نظام ڪميونزم جي بلڪل ابتڙ هجي ٿو. هن نظام تحت رياست ۾ موجود سڀئي وسيلا حڪومت جي بِلي هجڻ بدران ماڻهن يا ڪنهن جماعت جي هٿ هيٺ هجن. هن نظام تحت حڪومت جي هٿ ۾ ڪجهه به ڏيڻ بدران عام ماڻهن جي ذاتي ملڪيت هجڻ لاءِ زور ڪيو وڃي ٿو.
فاشزم؛ حڪومت جو اهڙو ڍانچو جنهن ۾ اڳواڻ ڪوئي آمر مسلط ٿيل هجي جيڪو عام عوام جي زندگين، راڄ ڀاڳ ۽ هر طرح سان انهن جي زندگين تي قادر هجي. اهڙي قسم جي حڪومت ۾ عوام کي حڪومت جي ڪهڙي به عمل سان مخالفت ڪرڻ جو ڪوبه حق حاصل ناهي. حڪومت جي هر بُري ڀلي عمل کي آمنا صدقنا چئي اکيون ٻوٽي مڃي، ان کي سٺو سمجهي ان جي مڪمل پوئواري ڪرڻ ضروري هجي ٿي. اهو هڪڙو ماڻهو ڪروڙ عوام جي زندگين جو مالڪ هجي ٿو ۽ سندس اختيار ذري گهٽ خدائي هجن ٿا جن کي ڪوئي به رد نه ٿو ڪري سگهي. اهڙي قسم جي حڪومت صرف ان هڪڙي ماڻهو جي چوڌاري ڦري ٿي جيڪو پوري رياست جو والي وارث هجي ٿو.
جمهوريت؛ دنيا ۾ حڪومت هلائڻ جو سڀ کان وڌيڪ جديد ۽ رائج الوقت طريقو جمهوريت تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ حڪمران ماڻهن جي راءِ موجب اڪثريت جي فيصلي سان چونڊيو وڃي ٿو. اهڙي حڪومت ۾ هر عام ۽ خاص ماڻهو کي هڪ جيترا حق حاصل هجن ٿا ۽ گري گنجي جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ٿو. توڙي جو هن نظام ۾ اڃا ڪي خاميون ضرور آهن، ڇوته هن نظام تحت هڪڙي ڄٽ جاهل جي راءِ جي به اوتري ئي اهميت هجي ٿي جيتري ڪنهن سائنسدان ا فلسفي جي راءِ هجي، پر پوءِ به هي نظام اڄ ڪلهه پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڀلائي وارو ڀانئجي ٿو تنهن ڪري دنيا جي اڪثر رياستن ۾ پراڻا بادشاهي يا آمراڻا حڪومتي ڍانچا ڀڄي ڀور ٿي چڪا آهن ۽ اتي جمهوري حڪومتون قائم ٿي چڪيون آهن.
انارڪزم؛ هن قسم جي سوچ رکندڙ ماڻهو ڪنهن به قسم جي قائدي ۽ قانون کان بِرُ هوندا آهن. هنن جي سوچ هوندي آهي ته جيئن ته انسان آزاد آهي تنهنڪري ان جي مٿان فرسودا قانون مسلط ڪري سندن آزادي نه کسي وڃي. حڪومت هلائڻ يا رياست جو وهنوار هلائڻ لاءِ هي چون ٿا ته ڪي اهڙا رضاڪار هجن جيڪي پنهنجي خواهش تي نوڪري ڪن، يا حڪومتي وهنوار هلائن. جڏهن ته باقي ماڻهن تي ڪهڙي به قسم جون پابنديون نه مڙهيون وڃن ۽ انهن کي پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ ڏني وڃي. هنن جي سوچ مطابق حڪومت ۽ قانون سڀ بي سبب آهي ۽ انهن جو رياست ۾ هجڻ فضول آهي.
لبرلزم؛ جيئن ته اوائلي دور کان بادشاهتون ۽ مذهبي طاقتون پاڻ ۾ ڳنڍجوڙ رکڻ جي ڪري عوامي ڀلائي بدران عوام کي ڦري لٽي ماري مڃائي پنهنجو پڇ لٽڪائو بڻائينديون رهيون آهن. پر روشن خيال فلاسافرن، مفڪرن، ڏاهن ۽ دانائن پنهنجي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ماڻهن کي اهو باور ڪرائڻ ۾ نيٺ ڪامياب ويا ته هي بادشاهه ڪي خلائي مخلوق ناهن پر اسان توهان جهڙا عام انسان آهن، جيڪڏهن اهي عام عوام جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهن ته اهي عوام جي اڳيان جوابدهه آهن ۽ اهو عوام کي حق آهي ته اهڙن نااهل بادشاهن کي سندن تختن تان لاهي ڦٽو ڪن. حڪومت جيئن ته عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هجڻ گهرجي تنهنڪري حڪومت ڪرڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار به مڪمل عوام کي هجڻ گهرجي. لبرل سوچ رکندڙ ماڻهو عام انسان کي زندگي جي هرپاسي کان آزادي ڏيارڻ جا حمايتي هجن ٿا، چاهي اها اظهار جي آزادي هجي، پريس جي آزادي هجي يا مذهبن کي مڃڻ نه مڃڻ جي آزادي هجي. مطلب هن نظريي تحت انساني آزادي يقيني بڻائي، عالم انسان کي هڪ جهڙو سمجهي، انهن جي بنيادي حقن ۽ ضرورتن جي پوئواري ڪري اهڙي آزاد ۽ خودمختيار رياست عمل ۾ آڻجي جيڪا عوامي ڀلائي وارا ڪم ڪري معاشري ۾ خوشيون پکيڙي.
ريشنلزم؛ اهڙي سوچ جنهن ۾ اهو پختو يقين ڪيو وڃي ته سچ صرف اهو آهي جيڪو مشاهدي، تجربي يا منطق مطابق حاصل ٿئي. ڪابه ڳالهه چاهي ڪهڙي به آسماني ڪتاب ۾ ڇونه لکيل هجي يا چاهي ڪهڙي به مذهب ۾ بيان ٿيل هجي پر اها اوستائين صحيح نه ٿي ٿي سگهي جيستائين اها تجرباتي ۽ منطقي طور ثابت نه ٿئي. هن فڪر جا پوئلڳ اهو زور ڀرين ٿا ته توهان جي ڪنهن به عمل جو سبب ڪنهن سان ذاتي رشتو يا ذاتي رسامو يا ڪوئي مٽي مائٽي يا ڪنهن به قسم جو جذبو يا ذاتي پسند نا پسند نه هجي پر منطقي، قانوني ۽ مقررڪيل طور طريقي مطابق کنيل هجي. صحيح ۽ غلط اڳ ۾ ئي چٽي طرح واضع ٿيل هجي ته جيئن ماڻهو عملي طور ڪنهن به ڪم ۾ آساني سان فيصلو ڪري سگهي. انسان خود پاڻ ڄاڻ حاصل ڪري سگهي ٿو تنهنڪري هو صحيح مڃيل ڄاڻ مطابق پنهنجو فيصلو ڪري سگهي ٿو.
سيڪيولرازم؛ لبرلزم جهڙي انساني ڀلائي ۽ ترقي يافته نظرين کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مختلف قسمن جون رنڊڪون ۽ مشڪلاتون پيدا ٿيون جن ۾ خاص طور مذهبي طاقتون نمايان هيون، جيڪي رياست توڙي رياستي نمائندن ۽ رياستي قانون کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جون خواهشمند هيون. ان وقت جي مفڪرن اهڙي سوچ ڏني جنهن ۾ چيو ويو ته جيئن ته مذهب عوامي مسئلو ناهي جڏهن ته اهو هر انسان جو ذاتي مسئلو آهي، مذهب انسان جي ۽ ان جي خدا جي وچ جو مسئلو آهي تنهنڪري مذهب کي عوامي سطح تي بحث ڪرڻ بدران هر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ پنهنجي طور انفرادي طور ملهائي. اهڙي طرح سان مذهبي سرگرمين کي عوامي جڳهين تي کليل نموني ملهائڻ تي پابندي وجهي ڪليسائن تائين محدود ڪيو ويو. ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني وئي ته هو ڪنهنجو مذهب پڇي سگهي. اهڙي عمل سان مذهب ۽ مذهبي پادري پنهنجي پنهنجي ڪليسائن تائين محدود رهجي ويا ۽ انهن جو ماڻهن سان رابطو به محدود ٿي ويو ۽ انهن جي افرادي قوت گهٽجي وئي تنهنڪري اهي رياستي وهنوار ۾ پنهنجو اثر برقرار نه رکي سگهيا ۽ پنهنجي طاقت وڃائي ويٺا. هن نظريي تحت هر مذهب جي مڃيندڙ کي مڪمل آزادي آهي ته اهو پنهنجي پنهنجي مذهب جي مطابق عبادت ڪري پر اهو شرط آهي ته هو ڪنهن ٻئي ماڻهو کي نه ئي پنهنجي مذهب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو ۽ نه ئي ٻئي کي سندس مذهب مطابق عبادت ڪرڻ کان روڪيندو. هن نظريي تحت رياست ڪنهن به مذهب جي دٻاءُ کان آزاد هوندي ۽ رياست ڪنهن به مذهب جي پٺڀرائي نه ڪندي ۽ رياستي ماڻهو ڪنهن به مذهب کان متاثر نه هوندا ۽ ڪنهن به مذهب جو عمل دخل رياستي معاملن ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙي طرح سان مذهب ۽ رياست ٻه الڳ الڳ شيون تصور ڪيون ويون جن کي هڪ ٻئي ۾ دخل اندازي تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي.
پليورلزم؛ جيڪڏهن اسان اڄ جي انسانن کي جديد نظرين جهڙوڪ لبرلزم، ريشنلزم ۽ سيڪيلولرزم جهڙن انساني فلاح و بهبود جهڙي فضا قائم ڪندڙن نظرين کي عمل ۾ آئيندا سين ته نه فقط اسان جو معاشرو پر پوري هي ڌرتي هڪ اهڙي جنت ٿي پوندي جنهن ۾ هر قسم جو مذهبي عقيدو رکندڙ ماڻهو، مختلف قسم جا سماجي، سياسي نظريا رکندڙ توڙي هزراين قسمن جون ريتون رسمون، ثقافتون، رنگ نسل، رنگ برنگي پهراڻ توڙي پوشاڪون پهريل ماڻهو گڏ رهندي ملندا جيڪي نه فقط ظاهري صورت ۾ هڪ ٻئي کان مختلف نظر ايندا هوندا پر انهن جون سوچون به هڪٻئي کان مختلف هوندي به اهي پاڻ ۾ امن ۽ شانتي سان گڏ، ماٺ ميٺ ۽ امن و امان سان گڏ رهندي نظر ايندا. اهي نه ئي هڪ ٻئي جي خون جا پياسا هوندا ۽ نه ئي اهي هڪ ٻئي تي ڪنهن به قسم جو ڪوئي ظلم جبر ڪندي نظر ايندا. اهڙن رنگ برنگي قومن، نسلن توڙي ثقافتن جا ماڻهو گڏجي پيار ۽ محبت سان هڪ ٿالهي ۾ کائن ته اهڙي نظام کي پليورلزم چئبو آهي. تنهنڪري اچو ته اسان به پڪو پهه ڪري پنهنجا ننڍا وڏا سڀ ڪينا ڪدورتون ختم ڪري، ويڇا وڇوٽيون وساري، ذات پات، رنگ نسل، مذهبن جا سڀ فرق مٽائي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي رهون ۽ دنيا کي اهو مثالي پيغام ڏيون ته اسين هاڻي جاهلي دور مان نڪري اعليٰ آدرش رکندڙ قوم بڻجي پيا آهيون. اسان سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب رکندڙ آهيون، اسان جو ماضي عظيم رهيو آهي ۽ اسان مستقبل ۾ به دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. منهنجو اهو خواب آهي جيڪو هڪ ڏينهن ضرور پورو ٿيندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *