جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ ورسي

جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي اڄ ورسي

سن (ن پ ا) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي  31 ورسي اڄ سن ۾ ملھائي  ويندي،  ايس يوپي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي  جسقم طرفان سائين جي ايم سيد جي مزار جي سراندي کان جيئي سنڌ تحريڪ سورھيه سنڌي گروپ طرفان سائين جي ايم سيد جي مزار جي پيراندي کان  ڌار ڌار پنڊال لڳائي جلسا ڪري سائين جي ايم سيد جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙھي سائين  کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي جڏهن ته  رھبر ڪميٽي طرفان رياض چانڊيو نواز خان زنئور ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ شھيدن جي مزار وٽ گڏيل جلسو ڪري مزار تي گلن جون چادرون چاڙھي سيد کي ڀيٽا پيش ڪند، هوڏانهن ايس يوپي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي راڳ رنگ جي محفل ٿي گذري جنهن ۾ صوفي فنڪارن انقلابي گيت ڳائي سائين  جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏني جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاعرن اديبن شاگردن ڪارڪنن صحافين ۽ اس پاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.  جڏهن ته محفل پرهھ ڦٽي تائين جاري ساري رھي سن انڊس ھاء وي روڊ آمري قاضي احمد پل سميت سن جي مختلف خارجي ۽ داخلي رستن تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا پوليس اھلڪار وڏي انگ ۾ مقرر ڪيا ويا، رات دير  سان  سائين جي31 ورسي جون تقريبون شروع ٿي ويون ايس يوپي طرفان سائين جي ايم سيد جي درياه واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي ويوئيي محفل ۾ ايس يوپي صدر سيد زين شاھ ڊاڪٽر سيد ضياء شاھ جونيئر جي ايم سيد روشن علي ٻرڙو جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ايس يوپي ليڊز وينگ اڳواڻ ياسمين ٿيٻو پرھ محسن ملاح شيبا مغل ۽ ٻين شرڪت ڪئي رات 12 بجي کان پوء مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي سيد جلال محمود شاھ جي زندگي تي ۽ سندس انٽرويز تي ڪتاب پڻ ڇپايو ويو سرھا ڏٺم سي جي نالي سان جنهن جي پڻ محرت ڪئي وئي پروگرام ۾ صوفي فنڪارن حنيف لاشاري مسرور سولنگي غلام حسين سولنگي سن مزار جو سنگ محفل کي جھومائي ڇڏيو محفل پرھ فٽي تائين جاري ساري رھندي