| جديد ٽيڪنالاجي 33 سال اڳ وڇڙي ويل ڀاءُ ڀيڻ ملائي ڇڏيا |
بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي هڪ عورت پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي 33 سالن کان پوءِ ٻاروتڻ جي تصوير ذريعي ڳولي لڌو. 44 سالن جي عورت لي لين هوبي صوبي جي شيانتاو جي رهواسي آهي، جيڪا ٻاروتڻ ۾ پنهنجي ڀاءُ لي شين کان جدا ٿي وئي هئي. لي لين جي ماءُ ڪينسر جي ڪري فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس پيءُ ذهني مسئلن سبب گهر ڇڏي ويو ۽ ڪڏهن به واپس نه آيو. ان وقت لي لين 11 سالن جي هئي ۽ سندس ڀاءُ 7 سالن جو هو ۽ اهي ڪچري جي ڍير تي رهندا هئا. هڪ ڏينهن مينهن دوران هو هڪ ٽرڪ ۾ پويان سمهي پيا ٽرڪ کين ٻئي شهر ۾ پهچايو جتي هڪ بزرگ عورت لي شين کي کاڌو پيش ڪيو. لي لين جو خيال هو ته عورت مدد ڪرڻ چاهي ٿي، تنهن ڪري هن پنهنجي ڀاءُ کي عورت سان گڏ وڃڻ ڏنو پر پوءِ هو ڪڏهن به واپس نه آيو. ڀاءُ وڃائجڻ تي سڄي زندگي افسوس رهيو. لي شين فرار ٿيڻ ۽ پنهنجي ڀيڻ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس پڪڙيو ويو، ماريو ويو ۽ هڪ اونداهي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو. هو ڪجهه وقت کان پوءِ فرار ٿي ويو چين جي گوانگ ڊونگ صوبي پهتو، جتي هڪ خاندان هن کي نپايو. لي لن 33 سال پنهنجي ڀاءُ کي ڳولڻ ۽ مختلف ڪم ڪرڻ ۾ گذاريا. هن ڪڏهن به پنهنجي ڀاءُ جي ملڻ جي اميد نه ڇڏي. هن وٽ پنهنجي ڀاءُ جي پراڻي تصوير کانسواءِ ڪجهه به نه هو. ڀاءُ جي ڳولا ۾ لڳ ڀڳ 1 ملين يوآن خرچ ڪيا. هلندڙ سال وڏي ڪاميابي تڏهن ملي جڏهن جيانگ شي صوبي ۾ هڪ پوليس آفيسر لي شين کي ڳولڻ لاءِ چهري جي سڃاڻپ واري ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي، جيڪو گوانگ ڊونگ ۾ هان جي نالي سان رهندو هو. پوليس ۽ ڊي اين اي ٽيسٽنگ جي مدد سان اها تصديق ٿي ته هان لي لين جو ڀاءُ هو. 23 مارچ تي ٻئي 33 سالن بعد پهريون ڀيرو جيانگ شي جي هڪ پوليس اسٽيشن تي مليا ۽ هڪٻئي کي ڏسي ڀاڪرين پئجي ويا ۽ روئڻ لڳا. ٻئي ڏينهن لي لين پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي اباڻي شهر واپس وٺي وئي ۽ آتشبازي ۽ ڪيڪ سان سندس شاندار استقبال ڪيو.