جرمني ۾ سڀ کان ننڍي قد جو گهوڙو: نالو گنيز بڪ ۾ شامل

جرمني ۾ سڀ کان ننڍي قد جو گهوڙو: نالو گنيز بڪ ۾ شامل

برلن(انٽريسٽنگ نيوز) جرمني ۾ دنيا جو سڀ کان ننڍي قد جو گهوڙو موجود هجڻ جي انڪشاف بعد کيس گنيز بڪ ۾ شامل ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جرمني ۾ 21.1 انچ قد وارو گهوڙو موجود آهي، گهوڙي جي مالڪياڻي ڪيرولا ويڊمن ٻڌايو ته هن پيو مڪل نالي گهوڙي کي 2020 ۾ هنج ورتو هو، ان وقت اهو 5 مهينن جو هو ۽ سندس قد رڳو 18 انچ هو . هن گنيز  بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ جي انتظاميا کي ٻڌايو ته هو ان گهوڙي کي ڏسڻ لاءِ پاڻ گاڏي هلائي وئي هئي، جڏهن کيس ڏٺو ته حيران ٿي وئي، گنيز ورلڊ انتظاميا پيو مڪل جي قد جي تقصديق بعد کيس دنيا جو سڀ کان ننڍي  قد وارو گهوڙو قرار ڏئي سندس نالو رڪارڊ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.