جروار واسي پورهيت جو پٽ ڪميشن امتحان پاس ڪري اي ايس پي ٿي ويو

جُون 10, 2023

جروار (رپورٽ: علي گوهر گبول) جروار واسي پورهيت جو پٽ عبدالغفار لاٽڪي ڪميشن جو امتحان پاس ڪري اي ايس پي ٿي ويو آهي

ڳوٺ سليمان لاٽڪي واسي کير وڪڻي گهرڀاتين جو پيٽ پاليندڙ مولا بخش لاٽڪي جي پٽ عبدالغفار سي ايس ايس 2022ع جو امتحان پاس ڪيو آهي

عبدالغفار کي ڪميشن امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِپي ايس پي گروپ الاٽ ڪيو ويو آهي ۽ هو اي ايس پي ٿي ويو آهي

عبدالغفار لاٽڪي جو چوڻ آهي ته پيءُ پورهيو ڪري پڙهايو، مظلومن کي انصاف ڏياري پنهنجو فرض نڀائيندس

عبدالغفار جي والد مولابخش لاٽڪي جو چوڻ آهي ته کير وڪڻي ۽ پورهيو ڪري پٽ کي پڙهايو، سندس ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهيان

Leave A Comment