| جروار واسي پورهيت ڌاڙيلن وٽ قيد، 50 لک رپيا ڀنگ طلب |
جروار (ن پ ا) جروار واسي اغوا ٿيل پورهيت ٻن سالن ۾ بازياب نه ٿيو، وارثن کان 50لک رپيا ڀنگ طلب، ڳوٺ محمد نوحاڻي جو رھواسي پورھيت منظور نوحاڻي ٻه سال اڳ گھوٽڪي مان اغوا ٿيو، جيڪو ھن مھل تائين بازياب نه ٿي سگهيو، مغوي جي امڙ انورخاتون، ڀاءُ عبدالله نوحاڻي ۽ مسونوحاڻي احتجاج ڪندي چيو ته منظور نوحاڻي سرن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ لاء گھوٽڪي ويو جتان گم ٿي ويو، ھڪ ھفتو گذرڻ بعد منظور جي نمبر تان ڀنگ جي فون آئي پوءِ اسان کي خبر پئي ته اغوا ٿي ويو آھي، ھنن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڌاڙيل مسلسل ڀنگ گھرندا اچن پيا، پھرين ھڪ ڪروڙ ۽ ھاڻي پنجاھ لک گھرن ٿا نه ڏيڻ سبب ٻن سالن کان منظور انھن وٽ قيد آھي،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرايو وڃي.