جروار ۾ دڪان تان ڦرلٽ، شهرين محمد بخش مهر جي گاڏي روڪي ڇڏي، ڌرڻو، دانهون  

جروار ۾ دڪان تان ڦرلٽ، شهرين محمد بخش مهر جي گاڏي روڪي ڇڏي، ڌرڻو، دانهون  

جروار (ن پ ا) جروار ويجھو ڳڙهي چاڪر وچ شهر ۾ ڪڻڪ جي واپاري پيپلزپارٽي ضلعي ڪائونسل ميمبر ڪوڙو خان گبول جي دڪان تان  ڏينهن ڏٺي جو ٻن هٿياربندن سرعام اڍائي لک روڪ رقم ٻه موبائل فون ٻيو قيمتي سامان  ڦورو ڦر ڪري فرار ٿي ويا،  واقعي خلاف گبول برادري جي ماڻهن طرفان ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته شھر مان صوبائي وزير محمد بخش خان مھر گذريو ته احتجاج ڪندڙ گاڏي اڳيان اچي احتجاج ڪري صوبائي وزير کي روڪي ورتو،  صوبائي وزير احتجاج ڪندڙن کي ٻڌايو ته ايس ايس پي گھوٽڪي سان منھنجي ڳالھه ٿي آھي جلد پ پ پ اڳواڻ کان ڦر ٿيل سامان واپسي ڪرائڻ سان گڏ جروار ايس ايڇ او کي ھٽايو ويندو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ڪوڙو گبول انور علي منظور احمد گبول ۽ ٻن چيو ته  هڪ هفتي اندر ٻئي ڦر جي ساڳي ريت واردات  ٿي پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام  آھي، پوليس پڪٽ هوندي به سرعام ڦورو ڦر ڪري ويا .

بيڪ