جرڳي باوجود جتوئي مهر تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ، نوجوان مرڻينگ، علائقي ۾ خوف

جرڳي باوجود جتوئي مهر تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ، نوجوان مرڻينگ، علائقي ۾ خوف

شڪارپور/رستم(نمائندن وٽان) شڪارپور ۾ مهر ۽ جتوئي برادرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو، گذريل ڏينھن ڳوٺ جمعو خان مهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مهر برادري جو نوجوان راحب مهر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خانپور ۽ بعد ۾ سکر  اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته راحب مهر زمين تي مال لاءِ گاھ ڪري رهيو هو ته جتوئي ڌر سان لاڳاپيل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي نوجوان جي وارثن موجب بدنام ڏوھاري گگو سعدخاناڻي جتوئي پاران ٻين ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪئي وئي، واقعو جتوئي مھر تڪرار تان پيش آيو ، جتوئي مھر تڪرار جو ڪجهھ وقت اڳ سکر سرڪٽ ھائوس ۾ ايم اين اي علي گوھر مھر جي سرپئنچي ۾ جرڳو به ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ٻنھي ڌرين جا 60 خون ثابت ٿيا ھئا، جرڳي بعد ڌرين جي ماڻھن پاران خونن جي معاوضن جي پھرين قسط ايس ايس پي شڪارپور ڪليم ملڪ وٽ جمع به ڪرائي وئي ھئي، ٻي قسط 10 تي ادا ڪئي ويندي، پوليس ذريعن موجب لڳ ڀڳ اڍائي ڪروڙ رپين تائين ٻنھي ڌرين جي ماڻھن پاران پھرين قسط جمع ڪرائي وئي آھي، ھوڏانھن ايم اين اي شھريار مھر جي ھائوس جي ترجمان محبوب علي مھر چيو ته حڪومت جي مداخلت بعد جتوئي مھر تڪرار جو جرڳو ٿيو ھو، جنھن بعد به جتوئي ڌر جا ماڻھو ڀڃڪڙي ڪندا رھن ٿا، اسان پنھنجي ڌر جي ماڻھن کي روڪي ڇڏيو آھي ته جيڪو اڳڀرائي ڪندو ته حڪومت سندن خلاف ڪارروائي ڪندي، ٻئي طرف شڪارپور پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ عالم سعدخاناڻي، ڳوٺ ٿانهريو ۾ ڪارروائي ڪئي، جوابدار اڳ ئي فرار ٿي ويا هئا.