جسقم مٽياري ۾ ٽول پلازه کي رد ڪري ڇڏيو، احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو

ڊسمبر 24, 2024

مٽياري (رپورٽر) جسقم ضلع مٽياري پاران مٽياري ضلعي ۾ ٺھندڙ ٻئي ٽول پلازہ خلاف ضلعي اڳواڻن صدر رشيد ڏيٿو ، نورمحمد ڀينڊو، ذوالفقار ڏيٿو، اقبال ڏيٿو ، رجب چانگ ۽ سماجي اڳواڻن رحمت الله ترڪ ۽ سيد حاڪم جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين جو چوڻ ھو ته مٽياري ۾ اڳ ئي نيو سعيد آباد ۾ ٽول پلازہ موجود آھي  ته پوءِ ٻئي ٽول پلازہ جي ڪھڙي ضرورت آھي، مٽياري جا شھري پھرين ڏينھن کان ٻئي ٽول پلازہ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن جڏھن ضلعي واسين کي ٻيو ٽول پلازہ قبول ئي ناھي ته عوامي خواھشن جي ابتڙ زور زبردستي ٻيو ٽول پلازہ ڪيئين پيو ٺاھيو وڃي، مظاھرين جو چوڻ ھو ته ٽول پلازہ خلاف 26 تاريخ تي مٽياري عوامي اتحاد پاران لڳندڙ ڌرڻي ۾ جسقم ڀرپور شرڪت ڪندي.

Leave A Comment