جسقم پاران نياز ڪالاڻي کان لاتعلقي: سازشون برداشت نه ڪنداسين: صنعان خان قريشي
آگسٽ 12, 2024
رتوديرو(ن پ ا) رتوديري ۾ شهيد بشير خان قريشي جي رهائش گاھ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي جو اهم اجلاس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ جسقم مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، ياور مهيسر شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ تنظيمي صورتحال جو جائزو وٺيندي ،تنظيم کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ آرگنائيز ڪرڻ لاءِ ضلعي گهوٽڪي جي ضلعي ڪانگريس 28 آگسٽ تي، 29 آگسٽ تي سکر ضلعي جي ڪانگريس ۽ 30 آگسٽ تي خيرپور ميرس ضلعي جي ڪانگريس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو،جڏهن ته جيئي سنڌ قومي محاذ پارٽي اندر پارٽي جوڙڻ جو نوٽيس ورتو ويو، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي غير واسطيدار ماڻهن جنهن ۾ پاڪستان روادار تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو سان گڏجي پارٽي خلاف غير آئيني، غير اصولي سرگرميون ڪري پارٽي اندر پارٽي ٺاهڻ جي ڏوھ ۽ آئيني ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ گروھ بندي سبب جسقم واضح ڪري ٿي ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان جسقم جو ڪو به واسطو ناهي، پارٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي پارٽي ٺاهڻي آهي ته ڀلي وڃي پنهنجي وڏن جي نالي سان پارٽي ٺاهي، باقي جسقم شهيد جي پارٽي آهي، ان جي رت ۽ ست مان ٺهيل پارٽي آهي، هن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهيدن جو رت شامل آهي، تنهن ڪري جسقم بشير خان قريشي ڪنهن به ڪرمنل، ڏوهاري، منشيات فروش يا موقعي پرست کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اجلاس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، تنهن ڪري منظم ٿيڻ جي ضرورت آهي، سيد جي فڪر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل رستي هلڻ جي ضرورت آهي. پارٽي خلاف جيڪو سازش ڪندو ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي ۽ جسقم ڪارڪن پاڻ کي اهڙي مهم جوئي کان بچائي رکڻ.
جسقم کي جاگيرداراڻي نظام تحت هلائڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، آئين جي ڳالهه ڪرڻ تي لاتعلقي اعلان ملن ٿا: ڪالاڻي
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پارٽي جاگيرداراڻي جي حساب سان ناهي هلندي، اسان چاهيون ٿا ته پارٽي ۾ اليڪشن ٿئي، هر ٻئي سال تعلقن ۽ ضلعن ۾ چونڊ ٿيڻي آهي پر 8 ورهين جي جماعت جي چونڊ نه ٿي آهي، نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته شهيد بشير خان قريشي چوندو هو ته جيئي سنڌ قومي محاذ نه پيراڻي گادي آهي، نه وري خانداني جماعت آهي، اسان پارٽي جي آئين جي ڳالهه ڪريون ٿا، ته اسان کي لاتعلقي جي اعلان سميت مختلف لقب ملن ٿا، انهن لقبن ۽ لاتعلقي جي اسان کي پرواهه ناهي، بشير خان قريشي رڳو خاندان لاءِ شهيد نه ٿيو هو پر هو سنڌ قوم جو هيرو آهي، اسان سندس جماعت کي متحد ۽ منظم ڏسڻ چاهيون ٿا، جيئي سنڌ محاذ کي جاگيرداڻي نظام سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪارڪنن سان ڪو به مشورو نه ٿو ڪيو وڃي، ان حوالي سان آواز اٿاريون ٿا ته پوءِ ڪيئي لقب ملن ٿا پر انهن لقبن جي اسان کي پرواهه ناهي.