جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ساٿي بحريا ٽائون ڪيس مان ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تان آزاد
جنوري 24, 2025
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) دهشتگردي جي روڪٿام واري خاص عدالت بحريه ٽائون حملي ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين کي ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تان آزاد ڪري ڇڏيو، عدالت ساڍا 3 سالن تائين بحريه ٽائون ڪيس جي وڪيلن جا دليل ۽ شاهدن جا بيان ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو، جسقم اڳواڻن تي بحريه ٽائون تي حملو ڪرڻ، باهيون ڏيڻ، گهيرائو ۽ ڀڃ ڊاھه ڪرڻ جا الزام هئا، انهي ڪيس مان ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ ۽ ٻين کي عدالت اڳ ۾ ئي آزاد ڪري چڪي هئي, فيصلي بعد وڪيل اڳواڻن محمد خان شيخ، محمد جمن پنهور، ڪاظم مهيسر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جو فيصلو سنڌ جي عوام جي فتح آهي، هاڻي سنڌوءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف جهدو جهد ڪئي ويندي، واضح رهي ته بحريا ٽائون تي حملي جو ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد جلال محمود شاھه، صنعان خان قريشي ۽ ٻين خلاف مئي 2021 ۾ گڏاپ ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت 11 ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، ڪيس ۾ 125 ناليوار ۽ 500 اڻ ڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، پوليس 125 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو، جيڪي ضمانت تي آزاد ٿيل هئا.