جسقم ڪارڪنن جو وات تي پٽيون ٻڌي ۽ زنجيرون پائي احتجاج

جُولاءِ 1, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) جسقم چئيرمين صنعان قريشي طرفان اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ جبري گمشدگين خلاف مختلف شهرن جي پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ، ڌرڻا ۽ علامتي بک هڙتالن جو سلسلو جاري آهي،

ٽائيم نيوز، پنهنجي اخبار جي نمائندن ۽ جسقم ترجمان ديدار شام جي پڌرائي موجب  وڳڻ ۾ مختيار سومرو جي اڳواڻي ۾ وات ۽ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو پيو ويو آهي، ڪنڌ ڪوٽ ۾ جسقم ڪارڪن وات تي ٻانهن ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ زنجير پائي احتجاج ڪري ڪيو سن ۾ به جسقم  طرفان نوشهرو فيروز مان کنڀي گم ڪيل ضلعي اڳواڻ فيصل مستوئي ۽ جسقم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ٻڌي هٿن ۾ زنجيرون پائي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ڪنڊياري ۾نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

دڙو ۾ ضلعي آرگنائيز انور ملاح.ضلعي آرگنائيز عزيز سومرو جي اڳواڻي ۾ ظاھرو ڪيو ويو، قمبر ۾شاهجهان ڪلهوڙو،آفتاب شاھ،امداد مغيري،حسنين بخاري ڪيو، ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي صدر مختيار پنھور، رکيل ٻرڙو، ڪامران پنھور، شبير ديشي، عابد تنيو ۽ ٻين چيو ته جسقم ڪارڪنن وقار ملڪ،ديشي سعيد،فرمان مري، فائق نوناري ۽ ٻين احتجاج ڪيو

اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ مان کنڀي ڪم ڪيل فيصل مستوئي، بشير شر، عزيز ڀنگوار، رستم شر، سهيل پلھه، ثناءَ الله لاشاري سميت ٻين ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ڪارڪنن فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل