ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ويل چيئر تي ويٺل ۽ يادداشت ڪمزور هجڻ باوجود شيرين شاهانه انڊيا جي سول سروسز جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري گهڻن ئي ماڻهن لاءِ مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي
شيرين شاهانه جا والدين روزاني ڏهاڙي تي ڪم ڪندا هئا ۽ سندس شادي هڪ اهڙي شخص سان ٿي جيڪو مٿس تشدد ڪندو هو اهڙين حالتن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هن تعليم جو رستو اختيار ڪيو
2017ع ۾ پنهنجي ماسٽرز جي امتحان دوران هو ڇت کان هيٺ ڪري پئي هئي جنهن ڪري تقريبن پوري طرح مفلوج ٿي وئي سندس يادداشت به ڪمزور ٿي وئي ايتري تائين جو هٿ ۾ قلم پڪڙڻ ۾ به ڏکيائي پيش اچي رهي هئي
شيرين شاهانه ڏيڍ سال تائين بستري تي رهي ان کانپوءِ ايتري بهتري آئي جو ويل چيئر استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي وئي
هن جونئير ريسرچ فيلوشپ اين سي ٽي- جي آر ايف جو امتحان پاس ڪري ورتو جيڪو انڊيا ۾ ڪاليج جي سطح تي پڙهائڻ جي خواهشمند شخص لاءِلازمي هوندو آهي
ڀارتي اخبار سان ڳالهائيندي شيرين شاهانه چيو ته جڏهن آئون بستري ۽ ويل چيئر تائين محدود ٿي وئي هيس تڏهن مون صرف هڪ ئي خواب ڏٺو هو، ٻاهر منهنجي ڪا دنيا ناهي نه ئي ڪو دوست نه وري ڪنهن سان ملڻو هو
هڪ مقامي اخبار شيرين تي مضمون شايع ڪيو ته ويل چيئر تائين محدود هجڻ باوجود هن اين سي ٽي جي آر ايف جو امتحان پاس ڪيو آهي اهڙي مضمون تي هڪ سول سروس امتحان جي تياري ڪرائيندڙ اداري جي نظر پئي ۽ اداري ۾ معذور ماڻهن لاءِ هڪ مفت خصوصي بينچ شروع ڪئي جنهن ۾ شيرين کي به جاءِ ملي
بي بي سي موجب اداري جي سربراهه ڊاڪٽر جوبن ڪوٽارام جو چوڻ آهي ته شيرين جڏهن پاڻ پڙهي رهي هئي ته جونيئرز کي به پڙهائيندي هئي هن ڪورونا صورتحال دوران آن لائن ڪلاسز به ورتا
جنهن ڏينهن سول سروس جي نتيجن جو اعلان ٿيڻو هو ان ڏينهن شيرين هڪ ٻئي حادثي ۾ زخمي ٿي پئي ۽ هن وقت به علاج هيٺ آهي پر حالت ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهي آهي