تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

جسم کي ٻيهر ٺاهڻ ۽ روح کي تازو ڪرڻ … پون ڪمار منڌاڻ

انساني جسم معجزو ڪري سگهي ٿو ڪنهن زماني ۾ جنهن کي گوشت ۽ هڏن جي مشين سمجهيو پئي ويو اها حقيقت ۾ هڪ جيئرو جاڳندو عمل آهي. اهڙو درياءُ آهي جنهن کي ڪنارو ڪونهي اسان جا جسم اهڙي طرح ٺهيل آهن جو انهن ۾ بي حد توانائي، تخليق ۽ ڪائنات جي ڄاڻ ڀرپور جهلڪ پئي ڏي، ان هوندي به توهان ۽ آئون پاڻ کي اهڙي جسم سان ڏسون ٿا جيڪو ڳري ٿڪي ٽٽي پوي ٿو پوڙهو ٿئي ٿو، بيمار به ٿئي ٿو ۽ اسان جي آزادي ۽ تخليق جي وڏين خواهشن کي ٽوڙي ٿو،
ديپڪ چوپڙا پنهنجي نئين ڪتاب Re inventing the body, Resurrecting the soul ۾ سڀ کان ڏکي رڪاوٽ تي بحث ڪيو آهي، اهو آهي اسان جو جسم، صاف ظاهر آهي ته جسم کي وري شڪل وٺن جي ضرورت آهي هن جي نئين ڪتاب جو اهوئي موضوع آهي، جسم کي ٻيهر بڻائڻ، روح کي تازو توانو ڪرڻ هن کان اڳ مقرر ڪيل نظرين کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته جسم ڇاڪري سگهي ٿو يا نٿو ڪري سگهي انهن جي جاءِ تي هن نوان نظريا پيش ڪيا آهن، جيڪي توهان جا خيال بدلائي ڇڏيندا ته توهان جسم کي ڇا ٿا سمجهو ۽ ان سان ڇاٿا ڪريو. توهان جو ظاهري جسم محض خيال آهي توهان جو اصل جسم توانائي آهي، ڄاڻ ۾ طلسم (جادو) آهي، توهان پنهنجي جينز کي بهتر بڻائي سگهو ٿا، وقت توهان جو دشمن ناهي،.
هنن نون خيالن مان هرهڪ پراڻي يقينن جو خاتمو ڪري ٿو جيڪو طبعي حد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو جيڪڏهن توهان پنهنجي جسم کي هڪ طبعي شيءَ پيا سمجهندو ته ڪراڙپ ڏي وڌندا ويندو ڇاڪاڻ ته ڪراڙپ ڇا آهي؟ اها ڪنهن طبعي شيءَ کسجي وڃڻ جو نالو ناهي، جيڪڏهن توهان يقين رکندو ته وقت توهان جو دشمن ته ڪراڙپ کي هڪ ٻيو دوست ملي ويندو جيڪڏهن توهان قبول ڪريو ٿا ته توهان جا جينس مقرر ٿيل آهن ته اهي توهان جي تبديلي لاءِ آزادي کسي وٺندا. توهان پنهنجي جسم کي شعور جي ذريعي بدلائي سگهو ٿا، ڇاڪاڻ ته ان جي ظاهري شڪل جي هوندي به توهان جو جسم شروع کان ئي شعور جي پيداوار آهي، دماغ اندر ڪنهن سالمي ۽ خيال ۾ ڪو فرق ڪونهي. هر ارادو جسم ۾ هرهڪ گهرڙي ڏانهن اشارا موڪليندو آهي، جنهنڪري گهرڙي ۾ تبديلي ايندي آهي. اسان جسم کي پنهنجي روح سان وسيع تعلق ذريعي ۽ محنت سان ڳنڍي وري جوڙي سگهون ٿا. اسان غور فڪر، مراقبي جي ذريعي بند ٿيل تونائي کي جاڳائي سگهون ٿا ۽ پراڻيون عادتون بدلائي سگهون ٿا.
ڪتاب جي ٻئي اڌ جو ٽائيٽل روح جي تازگي، جسماني کان به گهڻو اڳتي شعور جي قوت تائين وسيع آهي، روح توهان جو روحاني جسم آهي اهو هر جيو گهرڙي کي غذا پهچائي ٿو. اهڙي پڪي طرح جيئن رت غذائي جزا آڻيندو آهي جيترو روح جي ويجهو رهندو اوترو توهان جي جسم لاءِ بهتر آهي، صحت، نئين سر تازو ٿيڻ خود جو مضبوط احساس مرڪزيت هڪدم صحيح عمل محبت ۽ همدردي جي ترقي ٿيڻ اهي سڀ شعور جي اونهائي ۾ گڏجي وڃن ٿا. هر جيو گهرڙي کي توهان جي روح جي حالت جي خبر هوندي آهي ۽ روح کي هر جيو گهرڙي بابت پتو هوندو آهي، هڪڙو شعور جيڪو مستقل طور تي متحرڪ هوندو آهي ۽ ترقي ڪندو آهي اهو هي آهي ته اوهان سچ پچ ڪير آهيو؟ ماڻهو جسم کي ڪمتر، ناقص ۽ عقل کان خالي سمجهندا آهن ٻئي طرف هو روح کي هن دنيا کان مٿي ٻي ڪنهن دنيا ۾ سمجهندا آهن.
روح کي واپس آڻي ان جو ساٿي بڻايو
محبت روح کي جاڳائي ٿي.
پنهنجي روح وانگر پاڻ به هر سرحد کان آزاد ٿي وڃو.
هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو ميوو شان ۽ سوڀيا آهي.
ڪائنات توهان منجهان ارتقا ڪري ٿي.
سخي روح بڻجو پنهنجي جسم سان شعوري تعلق رکو.
پنهنجي رمز جي پاڻ ڳولا ڪريو.
روح جي نعمت ۽ سخاوتن لاءِ ڏاڍي تعريف ڪندي چوپڙا هيٺيان ٽپ ٻڌائي ٿو
مونکي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي اها مون وٽ آهي، آئون محفوظ آهيان ڇاڪاڻ ته مونکي پاڻ کان ڪو خوف نٿو اچي، زندگي جي سخاوت جي وهڪري منجهان مونکي هر شيءَ ملي ٿي، آئون پاڻ کي ڪنهن ٻاهرين معيار سان ڀيٽ نه ڪندو آهيان، ڏيڻ حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ اهم آهي، آئون مڪمل محبت حاصل ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته اها پهريائين مون پاڻ منجهه ڳولي لڌي آهي، روح جيڪو هوئنءَ ته ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ مادي دنيا کان جدا آهي اصل ۾ جسم کي ٺاهي ٿو روح جي سطح تائين پهچ کان پوءِ ئي توهان پنهنجي پوري قوت وٺي سگهو ٿا ۽ اهو زيادهه ذهانت، تخليق ۽ حياتي جي هر پهلو جو شعور حاصل ڪري سگهو ٿا، هن ڪتاب ذهن، جسم جي تعلق ۽ روح جي قوت کي تلاش ڪيو آهي، جڏهن توهان جسم کي نئون بڻائي روح آزاد ڪري ۽ سچي ڪمال جو لطف حاصل ڪرڻ ممڪن بڻائيندا ته اهو سفر مڪمل ڪندوءَ .

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *