جسٽس جهانگيري کي هٽائڻ عدليه تي حملو آ هي: ڪراچي بار   

جسٽس جهانگيري کي هٽائڻ عدليه تي حملو آ هي: ڪراچي بار   

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، هڪ بيان ۾ چيو ويو ته جج جي برطرفي ۾ غير معمولي تڪڙ ۾ ڪئي وئي، اهو عمل عدليه جي آزادي ۽ آئيني خودمختياري تي حملو آهي. بار موجب  سپريم جوڊيشل ڪائونسل ئي ججن خلاف ڪارروائي جو واحد آئيني فورم آهي،  قانوني تقاضائون پوريون ڪرڻ بنا ۽ التوا هيٺ ڪيسن باوجود جج کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ تي ڳڻتي آهي، بار اپيل ڪئي آهي ته آئين جي بالادستي کي برقرار رکيو وڃي.