جسٽس جهانگيري ڪيس: وي سي ۽ رجسٽرار پاران حلف ناما داخل

جسٽس جهانگيري ڪيس: وي سي ۽ رجسٽرار پاران حلف ناما داخل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾اسلام آباد جي اڳوڻي جج طارق محمود جهانگيري جي ڊگري واري معاملي بابت ڪراچي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر خالد محمود عراقي ۽ رجسٽرار پروفيسر عمران احمد صديقي جوابي حلف ناما جمع ڪرائي ڇڏيا، ڪالهه توهين عدالت واري درخواست جي ٻڌڻي دوران رجسٽرار چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊگري جي معاملي تي فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، توهين عدالت جي درخواست بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌايو، توهين عدالت جي درخواست اثرائتي ناهي رهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 3 آڪٽوبر واري فيصلي بعد ڪا به ڪارروائي شروع ناهي ٿي، ڪراچي يونيورسٽي عدالتي حڪمن مطابق ڪو حڪم يا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هيڪ ذريعي ڪراچي يونيورسٽي جو رڪارڊ طلب ڪيو هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪمن مطابق رڪارڊ بنا ڪنهن ڦير ڦار جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت پاران درخواستگذار طارق محمود جهانگيري جي وڪيل کي ڌرين جا جواب وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، بئريسٽر صلاح الدين احمد چيو ته ڪيس فوري نوعيت جو آهي انهي کي جلد ٻڌو وڃي، جنهن تي جسٽس يوسف علي سعيد چيو ته هن بينچ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، موڪلن بعد روسٽر مطابق بينچ ٻڌڻي ڪنديم عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين اسٽي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي موڪلن جي ختم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.