جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر : سڀاڻي حلف کڻندو

آگسٽ 15, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي نگران وزيراعلي تي مشورا مڪمل، وزيراعليٰ ۽ اپوزيشن ليڊر سپريم ڪورٽ جي (ر) جج جسٽس مقبول باقر کي  نگران وڏو وزير  مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو

 ان ڏس ۾  وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار ۾ ٽئين ۽ آخري ملاقات رات  10وڳي رٿيل هئي جيڪا سوا ڪلاڪ دير سان رات سوا يارهين وڳي شروع ٿي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد شاهه جي اڳوڻا صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪيش چاولا ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب مدد ڪري رهيا هئا

 ملاقات ۾ دير بابت اپوزيشن ليڊر رعنا انصار جو چوڻ هو ته مزار قائد تي ريلي سبب رش ڪري وزيراعليٰ  هائوس پهچڻ ۾ دير ٿي، انهي کان اڳ پ پ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم پاران وڏي وزير لاءِ 13 کان وڌيڪ اميدوارن جا نالا ڏنا ويا هئا

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جسٽس (ر) مقبول باقر جي نالي تي ٻنهي ڌرين ڪنهن به قسم جا اعتراض نه واريا هئا،  سنڌ جو چيف سيڪريٽري نگران وزيراعليٰ جو  نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گورنر ڪامران ٽسوري نگران وزيراعليٰ کان سڀاڻي حلف کڻائيندو

رات دير سان متحده پنهنجي رابطا ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو هو، متحده جي ذريعن موجب پ پ سان تعلق رکندڙ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ويو ته وفاق جيان سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ جي چونڊ لاءِ اپوزيشن جي اميدوار کي وزيراعليٰ منتخب ڪيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پارلياماني ڪاميٽي ۾ ويندو

ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر جي ملاقات دورن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس جاري هو، اجلاس ۾ نالن تي وري غور ڪيو ويو ۽ جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽين جي صلاح سان جسٽس ر مقبول باقر جو نالو ڏنو ويو. اهو نالو رعنا انصار تائين پهچايو ويو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر رعنا انصار چيو ته مقبول باقر اپوزيشن توڙي حڪومت ٻنهي جو ڏنل نالو هو، جنهن تي اتفاق ٿي ويو، ٻنهي پارٽين جي قيادت رابطي ۾ هئي

سندس چوڻ هو ته جي ڊي اي، جي يو آءِ سميت سڀني جي مشاورت سان هي نالو ڏنو ويو آهي، اميد آهي ته مقبول باقر شفاف چونڊون ڪرائيندو

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته 13 آگسٽ تي وڏي وزير مراد علي شاهه مقبول باقر جو نالو پيش ڪيو هو، جنهن تي ڌرين ۾ اتفاق ٿيڻ بعد سندس مقرري جو اعلان ڪيو ويو، ناصر شاهه چيو ته گورنر نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

هوڏانهن گورنر ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته جسٽس مقبول جي نامزدگي تي خالد مقبول صديقي ۽ پير پاڳاري کي اعتماد ۾ ورتو ويو

Leave A Comment