ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ) جسٽس (ر) مقبول باقر نگران وزيراعليٰ سنڌ طور حلف کڻي ورتو، ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۾ ٿيل حلف برداري تقريب ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جسٽس رٽائرڊ مقبول کان حلف کڻايو
تقريب ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو . حلف کڻڻ کان پوءِ تمام جلد نگران وڏو وزير پنهنجي ڪابينا جو اعلان ڪندو.