| جسٽس طارق محمودکي هٽائڻ انصاف جو قتل آهي: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عهدي کان هٽائڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف رد عمل ظاهر ڪندي اين فيصلي کي انتهائي ڳڻتي ۽ هڪ خطرناڪ مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته آئين پاڪستان معزز ججن جي احتساب، ضابطي اخلاق ۽ امڪاني بدعنواني يا غلط رويي جي معاملن لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فورم فراهم ڪري ٿو. هن آئيني فورم کي نظرانداز ڪندي ڪنهن جج جي مستقبل جو فيصلو ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪرڻ آئين پاڪستان جي خلاف ورزي جي برابر آهي. اختيار ڪيل رستو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي بچيل علامتي افاديت تي به سنگين سوال اُٿاري ٿو. ڪنهن کي به ٻڌڻي جي حق، مناسب فورم ۽ منصفانه ٽرائل کان محروم ڪرڻ انصاف نه پر انصاف جي قتل جي برابر آهي.