خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري جعلي ثابت: جج طور مقرري غيرقانوني قرار: عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري جعلي ثابت: جج طور مقرري غيرقانوني قرار: عهدي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ڊگري ڪيس ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔ عدالت ڪيس جي لکت واري حڪم نامي ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري کي جعلي قرار ڏيندي چيو ته جج طور مقرري وقت اُن وٽ اصل ڊگري موجود نه هئي۔ جڏهن هو وڪيل تصور نٿو ڪري سگهجي ته پوءِ جج به نٿو ٿي سگهي۔ قانون ۽ انصاف واري وزارت فوري طور جسٽس طارق محمود جهانگيري کي بطور جج ڊي نوٽيفاءِ ڪري۔ جسٽس طارق محمود جهانگيري پاران داخل ڪيل ٽنهي درخواستن تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار آهن، جنهن جو ڪارڻ تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪيو ويندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف تڪراري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي۔ ڪراچي يونيورسٽي جو رجسٽرار عمران صديقي عدالتي حڪم تي ڊگري جي سموري رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيو۔ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد اياز شوڪت ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري جا وڪيل به عدالت ۾ موجود هئا۔ وڪيل اڪرم شيخ دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته منهنجين درخواستن تي فيصلو ٿيڻ کان اڳ اوهان رڪارڊ نٿا ڏسي سگهو۔ اسان جون درخواستون موجود آهن، هي ڪارروائي سنڌ هاءِ ڪورٽ معطل ڪيل آهي۔ شفاف ٽرائل جسٽس طارق محمود جهانگيري جو حق آهي۔ هي ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي، اوهان هي ڪيس نٿا ٻڌي سگهو۔ درخواست گذار مياں دائود چيو ته مان قرآن تي حلف کڻي چوان ٿو ته جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري بوگس آهي۔ هو اسٽَي وٺي ويٺو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سبب هي ڪارروائي روڪي نٿي سگهجي۔ عدالت پاڻ طئي ڪندي ته ڪارروائي اڳتي ڪيئن وڌندي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو ته ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ جو معاملو اڳ ئي طئي ٿي چڪو آهي۔ ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته يونيورسٽي حتمي طور جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري منسوخ ڪري ڇڏي آهي۔ اسلاميه لا ڪاليج جي پرنسپل چيو ته طارق محمود جهانگيري ان جو شاگرد نه هيو۔ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ڪاپي ڪرڻ ۽ ايگزامنر کي ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ ٽن سالن جي پابندي لڳائي وئي هئي۔ هو 1992ع ۾ ٻيهر امتحان ڏيڻ جو اهل هيو، پر ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي انرولمينٽ فارم استعمال ڪيو ۽ 1990ع ۾ سڀ پيپر ڪليئر نظر آيا۔ ايل ايل بي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو ۾ ولدِيَت ۾ به تضاد آهي۔ ايل ايل بي پارٽ ٽو لاءِ جمع ڪرايل فارم جو به ڪاليج وٽ ڪو رڪارڊ موجود ناهي۔ اسلاميه ڪاليج جي پرنسپل ان کي پنهنجو شاگرد تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو۔جسٽس طارق محمود جهانگيري جي وڪيل بيرسٽر صلاح الدين دليل ڏيندي چيو ته اڄ رجسٽرار يونيورسٽي تسليم ڪيو آهي ته جسٽس جهانگيري ايل ايل بي پارٽ ون، ٽو ۽ ٿري جا امتحان ڏنا ۽ اُن ۾ ڪليئر به ٿيو۔ ڪراچي يونيورسٽي اهو به مڃي رهي آهي ته ڊگري جاري ٿي، پر جاري ڪرڻ جي عمل ۾ بي ضابطگيون آهن۔ يونيورسٽي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آڏو لڪايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ يونيورسٽي جي ڊيڪليئريشن ۽ سموري ڪارروائي معطل ڪئي آهي، تنهن ڪري هتي ڪيس اڳتي نٿو وڌي سگهي۔ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان جواب جمع ڪرايو آهي. وڪيل ٻڌايو ته ڪالهه ايڇ اي سي کان رڪارڊ مليو آهي، جلد جواب جمع ڪرايو ويندو. جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ٻئي وڪيل اڪرم شيخ ڪيس کي تعصب تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽرانسفر واري معاملي تي جسٽس طارق محمود جهانگيري ڌر ٿيو، چيف جسٽس خلاف آئيني عدالت ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي۔ ڇا چيف جسٽس هڪ جج سان حساب برابر ڪري سگهي ٿو. بيرسٽر صلاح الدين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 30 ڏينهن جي مهلت ۽ ٻڌڻي غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا رد ڪندي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو۔ بعد ۾ عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو۔ لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس طارق محمود جهانگيري وٽ بطور جج طور مقرري وقت اصل ڊگري موجود نه هئي۔ ڊگري نه هجڻ سبب هو وڪيل به تصور نٿو ٿي سگهي، ته پوءِ جج ڪيئن رهي سگهي ٿو.  قانون واري وزارت فوري طور جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڊي نوٽيفاءِ ڪري. جسٽس طارق محمود جهانگيري جي درخواستن تي اعتراضات برقرار آهن، جن جا ڪارڻ تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪيا ويندا.