جسٽس ظفر راجپوت سنڌ ۽ جسٽس ڪامران بلوچستان هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽسز مقرر ڪرڻ جي سفارش

جسٽس ظفر راجپوت سنڌ ۽ جسٽس ڪامران بلوچستان هاءِ ڪورٽس جا چيف جسٽسز مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن جسٽس ظفر احمد راجپوت کي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس محمد ڪامران ملاخيل کي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي. چيف جسٽس يحيیٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڪانفرنس روم ۾ منعقد ٿيو۔ پڌرائي مطابق جسٽس ظفر احمد راجپوت کي متفقه طور چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ جسٽس محمد ڪامران ملاخيل کي چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي۔ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کي سپريم ڪورٽ جو مستقل جج مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جسٽس منيب اختر ميان گل حسن اورنگزيب جي مقرري جي مخالفت ڪئي۔ جوڊيشل ڪميشن آرٽيڪل 175-A جي شق 20 تحت قاعدن جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي پڻ تشڪيل ڏني آهي، جنهن ۾ جسٽس عامر فاروق، اٽارني جنرل منصور عثمان، سينيٽر فاروق ايچ نائيڪ، سينيٽر سيد علي ظفر ۽ احسن ڀون شامل آهن۔