اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) سُپريم ڪورٽ فرد واحد جي مرضي سان نٿي هلي سگهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سُپريم ڪورٽ جي ويبسائيٽ تي اپلوڊ ٿيڻ جي فوري دير بعد هٽايو ويو، 30 صفحن تي ٻڌل نوٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف ڪيس ۾ 9 رُڪني لارجر بئنچ تي اعتراض واريا
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ته واضح چوان ٿو ته پاڻ کي ڪيس کان دستبردار نٿو ڪريان، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي معطلي بعد عدالت ۾ نه ويٺو آهيان، هاڻي جيڪڏهن آئون ڪيس ٻڌان ته پنهنجي آئيني ۽ قانوني موقف جي ڀڃڪڙي ڪندس
سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس اڄ تائين منهنجي موقف جي ترديد ناهي ڪئي، بلڪه حضور ته جواب ڏيڻ به پسند نه ڪيو، مونکي اندازو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي ساٿين کي بناجواز غيرضروري ڪشمڪش ۾ مُنجهائي ڇڏيو آهي
هن چيو ته سينيئر ترين جج جي حيثيت سان رُخ کي صحيح رکڻ منهنجي ذميواري آهي، عدالتي ڪارروائي غيريقيني جي ور چڙهيل آهي، قوم جيان مونکي به انتظار آهي ته درخواستن تي جلد فيصلو ٿئي
اُن کان اڳ به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو نوٽ سُپريم ڪورٽ جي ويبسائيٽ تان هٽايو ويو هو