| جسٽس قاضي فائز جي قتل تي انعام رکندڙ ظهير شاهه کي ٽيپ |
لاهور (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي قتل تي اڪسائڻ جي ڪيس ۾ پير ظهير الحسن شاهه کي 10 سال قيد جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٽرائل دوران ڪيس جي 15 شاهدن شاهديون رڪارڊ ڪرايون، عدالت سزا کانپوءِ پير ظهير الحسن شاهه کي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ارشد جاويد فيصلو ٻڌايو. واضح رهي ته پير ظهير الحسن شاهه خلاف قلعي گجر سنگهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو هو. هن 2024 ۾ ڪارڪنن کي اڳوڻي چيف جسٽس جي قتل تي اڪسايو. جوابدار مذهبي جماعت جي ريلي کي خطاب دوران قتل ڪندڙ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان به ڪيو هو. جوابدار کي 6 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي.