اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي
چيف جسٽس عمر عطا بنديال آئين جي آرٽيڪل 179 تحت 16 سيپٽمبر 2023 تي رٽائر ٿي ويندو جنهن بعد 17 سيپٽمبر تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ عهدي جي چارچ سنڀاليندو
صدر مملڪت عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 175 اي 3 تحت ڪئي آهي، جڏهن ته هو 17 سيپٽمبر تي کيس عهدي جو حلف به کڻائيندو
صدر عارف علوي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مقرري جي منظوري 2 مهينا اڳ ئي ڏئي ڇڏي آهي