اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڪارروائي جي معاملي تي جسٽس اعجاز الاحسن جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ميمبر طور شموليت کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي
شڪايت ڪندڙ ميان دائود ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ سيڪريٽري جوڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جسٽس اعجاز الاحسن سپريم ڪورٽ جي ان بئنچ جو حصو هو جنهن بئنچ فڪسنگ تحت غلام محمود ڊوگر جو ڪيس ٻڌو، جسٽس اعجاز الاحسن جسٽس مظاهر خلاف ٻڌڻي ڪندڙ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر آهي، قانوني ۽ اصولي طور غلام محمود ڊوگر جو ڪيس ٻڌندڙ ڪو جج سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر نه ٿو ٿي سگهي
جسٽس اعجاز الاحسن جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ مميبر رهڻ آئين جي آرٽيڪل 10 اي ۽ 9 جي خلاف آهي، جسٽس اعجاز الاحسن جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو حصو رهڻ مفادن جي ٽڪراءَ ۽ شفافيت جي اصول خلاف آهي
شڪايت ڪندڙ سميت عوام جو اهو تاثر آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن ڪائونسل ۾ انصاف جي گهرج پوري نه ڪري سگهندو، جسٽس اعجاز الاحسن جو جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ سان ٻه ڀيرا اختلاف ڪرڻ جانبداري جي تاثر کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو، جسٽس اعجاز جي جاءِ تي ٻئي ڪنهن سينئر ترين جج کي ڪائونسل جو ميمبر بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي
سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي کي ٻه شوڪاز نوٽيس جاري ڪري چڪي آهي، شوڪاز ۾ جسٽس مظاهر ٽن آڊيوز بابت سوال اٿاريا آهن، جسٽس اعجاز جي جوڊيشل ڪائونسل ۾ ويهڻ سان سوال اٿن ٿا
جسٽس اعجاز الاحسن جسٽس نقوي سان گڏ ان بينچ جو حصو هو جنهن اڳوڻي سي سي پي او لاهور جو ڪيس ٻڌو هو، جسٽس اعجاز الاحسن جوڊيشل ڪائونسل ۾جسٽس مظاهر خلاف ڪارروائي جو حصو به آهي