اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس مظاهر نقوي خلاف اوپن ڪارروائي واري درخواست منظور ڪري ورتي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس مظاهر نقوي جي درخواست منظور ڪندي ڪارروائي اوپن هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو
جسٽس مظاهر نقوي پنهنجي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي اوپن هلائڻ جو مطالبو ڪيو هو، جڊيشل ڪائونسل ڏانهن اماڻيل پنهنجي خط ۾ جسٽس مظاهر نقوي چيو ته اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جڊيشل ڪائونسل جي کليل ٻڌڻي جو حق تسليم ڪيو آهي، منهنجي خلاف به جڊيشل ڪائونسل جي اوپن ٻڌڻي هلائي وڃي
هن چيو ته مون جڊيشل ڪائونسل جي جوڙجڪ تي اعتراض واريا آهن، جڊيشل ڪائونسل جي ان ڪيمرا اجلاس سبب منهنجو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي