جسٽس منصور کي 16 ڪروڙ ۽ جسٽس اطهر کي 15 ڪروڙ رپيا پينشن ادا

جسٽس منصور کي 16 ڪروڙ ۽ جسٽس اطهر کي 15 ڪروڙ رپيا پينشن ادا

اسلام آباد (م ڊ) جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله 27 هين آئيني ترميم کانپوءِ پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ ترتيبوار 16 ڪروڙ 10 لک رپيا ۽ 15 ڪروڙ 40 لک رپين کان وڌيڪ ڪميوٽڊ پينشن حاصل ڪري ورتي. ذريعن موجب رٽائرڊ ججن کي ماهوار پينشن طور ترتيبوار 11 لک ۽ 12 لک رپين کان وڌيڪ رقم ملندي. قانون واري وزارت هائوس طرفان رينٽ ساڍا ٽي لک، سپيريئر جڊيشل الائونس 11 لک کان وڌيڪ مقرر ڪيو ويو هو. جسٽس منصور علي شاهه 16 سال جڏهن ته جسٽس اطهر من الله 11 سال کان وڌيڪ ملازمت ڪئي. ٻنهي 27 هين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ استعيفيٰ ڏني ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ به کين ميڊيڪل، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ۽ گهروارين لاءِ مراعتون حاصل آهن.
 

جسٽس اطهر جي سروس گهٽ هجڻ باوجود پينشن وڌيڪ
 

اسلام آباد: جسٽس اطهر من الله جي ڪُل ماهوار پينشن 12 لک 20 هزار 381 رپيا آهي جنهن ۾ خاص واڌو پينشن 84 هزار 885 رپيا ۽ ميڊيڪل الائونسز شامل آهن. جسٽس منصور علي شاهه جي مجموعي ماهوار پينشن 11 لک 35 هزار 496 رپيا آهي، جنهن ۾ ڊرائيور پينشن 91 هزار 258 رپيا، ميڊيڪل الائونس 45 هزار 799 رپيا ۽ 11 هزار 450 رپيا شامل آهن.
 

رٽائرڊ ججن کي ميڊيڪل، رهائش الائونس، مڪمل اسٽاف به مليل
 

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي ججز آرڊر 1997ع تحت ٻنهي ججن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به واڌو مراعتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ميڊيڪل، رهائش جي سهولت، مڪمل اسٽاف، يوٽيلٽي بلز جي حد، سرڪاري گاڏيون ۽ ٻارڻ، سيڪيورٽي، پرچم پروٽوڪول ۽ زالن لاءِ مراعتون شامل آهن.