| جسٽس منصور ۽ اطهر بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج مستعفي |
لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفيٰ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. رپورٽ موجب ستاويهين آئيني ترميم کان پوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پهرئين جج احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جسٽس شمس محمود مرزا استعيفيٰ ڏني آهيجسٽس شمس محمود مرزا استعيفيٰ صدر پاڪستان ڏانهن اماڻي پنهنجو چيمبر به خالي ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس شمس محمود مرزا جي 27هين آئيني ترميم کان پوءِ بدلي جو امڪان هو. جسٽس شمس محمود مرزا لاهور هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪاميٽي جو ميمبر هو. جسٽس شمس محمود مرزا 22 مارچ 2014ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج جي حيثيت سان حلف کنيو 2028ع ۾ رٽائر ٿيڻو هو. جسٽس شمس محمود مرزا سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس ضياءَ محمود مرزا جو پٽ آهي جسٽس شمس محمود مرزا خلاف سرڪاري وڪيل طرفان هلندڙ سال جنوري ۾ سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ريفرنس به فائنل ڪيو ويو هو.