| جسٽس ڪي ڪي آغا به آئيني عدالت جي جج طور حلف کڻي ورتو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس ڪي ڪي آغا وفاقي آئيني عدالت جي جج طور حلف کڻي ورتو، آئيني عدالت جي سربراهه جسٽس امين الدين خان حلف ورتو، حلف برداري جي تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ منعقد ٿي، تقريب ۾ آئيني عدالت جي جسٽس عامر فاروق، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس علي باقر نجفي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر ۽ هاءِ ڪورٽ جي ٻين ججن به شرڪت ڪئي.