ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ملڪ ۾ جشن آزادي ملهايو پيو وڃي ان موقعي تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارن جا ڀاڳ کُلي ويا آهن، 5 لٽر پيٽرول مفت ڏنو پيو وڃي
چنيوٽ ۾ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر قيصر احمد شيخ جشن آزادي منفرد انداز ۾ ملهائي ٿو، هر سال وانگر هن ڀيري به عوام ۾ مفت پيٽرول ورهائي رهيو آهي
قيصر احمد شيخ جو چوڻ آهي ته جشن آزادي جي موقعي تي 7-8سالن کان عوام ۾ پيٽرول ورهائيندو آهيان، وڏي انگ ۾ رڪشا لاءِ اڄ 5 لٽر في رڪشا پيٽرول ڏنو آهي
قيصر احمد شيخ چيو ته سڀاڻي هزارين موٽرسائيڪل سوارن کي 5 لٽر پيٽرول مفت ڏيندس