جعفر ايڪپسريس حملو: 26شهادتون، 18 فوجي شامل: ڀارت پاڪستان اندر دهشتگردي جو مک اسپانسر، ڪڙيون افغانستان سان به ملن ٿيون: فوجي ترجمان
مارچ 15, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملي دوران شهيد ٿيل 26 مسافرن مان 18 فوج ۽ ايف سي جا اهلڪار هئا، پر هو آپريشن کان اڳ شهيد ٿيا، حملي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مُک اسپانسر آهي، ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، دهشتگردن جي سپورٽ ۾ وار فيئر هلڻ شروع ٿي وئي، جنهن کي ڀارتي ميڊيا ڪور ڪري رهيو هو، دهشتگردن جون اماڻيل ۽ پراڻيون وڊيوز هلائي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته ڀارتي ميڊيا هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ۽ دهشتگرد گروپن جي وڊيوز کي پاڪستان مخالف بيانئي طور استعمال ڪيو. هن ٻڌايو ته 11 مارچ تي حملي کان اڳ شدت پسندن فرنٽيئر ڪور (ايف سي) جي چيڪ پوسٽ کي نشانو بڻايو، ان کان پوءِ ريل گاڏيءَ ويجھو ڌماڪو ڪيو، جنهن سبب ٽرين بيهي رهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ويجهن جبلن مان دهشتگرد لهي آيا ۽ مسافرن کي يرغمال بڻايو، عورتن ۽ ٻارن کي ٽرين ۾ ئي رکيو ويو، جڏهن ته باقي مسافرن کي ٽولين جي صورت ۾ ٽرين ڀرسان يرغمال ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز جي سنائپرز دهشتگردن کي انگيج ڪيو، جنهن سبب يرغمال مسافرن کي ڀڄڻ جو موقعو مليو، پر دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ڪجهه مسافر زخمي به ٿيا. هن چيو ته حملو هڪ ڏورانهين ۽ ڏکئي علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي دهشتگردن پنهنجي پروپيگينڊا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جعلي وڊيوز ٺاهيون، جيڪي ڀارتي ميڊيا مختلف پراڻين وڊيوز سان گڏ هلائي، پاڪستان خلاف بيانيو گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي. احمد شريف موجب، دهشتگرد افغانستان ۾ موجود پنهنجي هينڊلرن سان رابطي ۾ هئا ۽ انهن ۾ آپگهاتي بمبار پڻ شامل هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آپريشن دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، سيڪيورٽي فورسز پهريان انجڻ ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري سمورين بوگين کي ڪليئر ڪرايو. هن چيو ته فوج، ايئر فورس، فرنٽيئر ڪور ۽ ڪمانڊوز آپريشن ۾ حصو ورتو، آپريشن دوران ڪنهن به مسافر کي نقصان نه پهتو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردن کي افغانستان ۾ اسپيس ملي رهيو آهي، جتي کين تربيت ڏيڻ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته فورسز جي آپريشن دوران 33 دهشتگرد ماريا ويا، 354 يرغمالي بازياب ڪرايا ويا، جڏهن ته 35 زخمين جو علاج جاري آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ضرار ڪمپني جا ڪمانڊوز پهريان ٽرين جي انجڻ تائين پهتا، جتان هو اندر داخل ٿيا ۽ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو. سوالن جا جواب ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته نيشنل ايڪشن پلان جي 14 نقطن تي عمل ٿئي ها ته هي واقعو نه ٿئي ها، جنهن ۾ دهشتگردي کي سوشل ميڊيا تي روڪڻ، عسڪريت پسندي جي اجازت نه هجڻ به شامل آهي، هن چيو ته سانحو سيڪيورٽي ناڪامي ناهي، ڪنهن کي به يرغمالي ناهي بڻايو ويو، هن چيو ته رياست پاڪستان غيرقانوني اسپيڪٽرم خلاف جهاد ڪري رهي آهي، لاپتا ماڻهن بابت سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ان تي ڪميشن جڙيل آهي، 10405 ڪيسز مان 8144 حل ٿي چڪا آهن، وڌي جاچ جاري آهي، بلوچستان جا 425 ڪيس باقي آهن، ٻيا حل ٿي چڪا آهن، بي ايل اي ۾ ڪير آهن انهن جي فهرست ڪٿي آهي اهو لسٽ ڏيو، ڇا اهي مسنگ پرسن ناهن، فتنه خواره جي فهرست ڏيو.