جعلي آدمشماري، مهانگائي ۽ قبيلائي دهشتگردي خلاف سنڌ هڪ آواز، شٽربند هرتال، مظاهرا

مَي 28, 2023

ڪراچي ( نمائندن وٽان) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جعلي آدمشماري، مهانگائي، قبيلائي دهشتگردي، ڌاڙيل راڄ ۽ ٻين ٻرندڙ مسئلن خلاف ڪيترن ئي شهرن ۾ مڪمل طور ڪاروبار بند پيل آهي، احتجاجي مظاهرا به ڪيا پيا وڃن

لاڙڪاڻي جي شهرين جيئي سنڌ محاذ جي سڏ کي  ڀرپور موٽ ڏيندي  شٽر بند ڪري ڇڏيو آهي شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ريشم گلي، شاهي بازار ،جيلس بازار ،لاهوري محلو ،باقراڻي روڊ ،رائيل روڊ ،بندر روڊ ،بينڪ اسڪوائر روڊ، جناح باغ روڊ ،اسٽيشن روڊ سميت ٻين هنڌن تي ڪاروبار بند رکيو ويو آهي. شهر ۾ ٽريفڪ معمول کان گهڻي گهٽ آهي

هي به پڙهندا

شهدادڪوٽ ۾  به  آدمشماري، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن خلاف شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي

ڪوٽڏيجي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي پئي وڃي،

 ٺل ۾ به سنڌ ۾ مسئلن جي حل لاءِ ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي، ڪپڙي مارڪيٽ سونارڪي بازار, ڪريانه اسٽور بازار, ڀلاڻڪي بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز مڪمل بند آهن، جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو به ڪيو ويو

مورو ۾ به ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ڪيا ويا آهن،  اڳواڻن ابرار مورائي، اسحاب چانڊيو، جگديش ڪمار، پرويز علي، صدام حسين، دانش علي ۽ ٻين چيو ته ڊجيٽل آدمشماري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن کي ڪنهن ريت قبول نه ڪيو ويندو

قاضي احمد جي شهرين به جعلي آدمشماري ۽ ٻين مسئلن خلاف جيئي سنڌ محاذ جي سڏ کي موٽ ڏيندي ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو

ڪڙيو گهنور ۾ به الله والا چوڪ , ڀٽو چوڪ , درشن مارڪيٽ , مڇاري چوڪ , فاضل راهو چوڪ سميت شھر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽ بند آهن

ميرپور بٺوري ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، جيئي سنڌ محاذ جي ڪارڪنن ريلي جي صورت ۾ شهر جو گشت ڪيو

ڀٽ شاھ ۾ شٽر بند هڙتال آهي، عابد شاهاڻي، بهار سهتو، عبدالمجيد ملوکاڻي، سجاد شاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويو

ڀان سيد آباد ۾ به مڪمل طور هڙتال ڪئي وئي آهي، شاهي بازار، دعا چونڪ، اسٽيشن روڊ، ريشم بازار، ٽائون ڪاميٽي بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند. آهن

ٽنڊو محمد خان جيئي سنڌ محا ذ جي مرڪزي سڏ تي واڻ بازار پاڪستاني چوڪ چاندني چوڪ  سنزي منڊي اسٽيشن روڊ  بٺورو روڊ مھراڻ چوڪ  الفتح چوڪ سيرت النبي چوڪ ڦليلي روڊ  ۾دڪان بند پيل آهن

اڳواڻڻ چيو ته سنڌ خلاف هر لحاظ کان سازشون ڪيون پيو وڃن، قوم کي قبيلائي دهشتگردي جي ور چاڙهڻ سان گڏ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارو عمل ڪنهن به صورت قبولڻ جوڳو نه آهي، ڌرتي ڌڻين هڙتال کي موٽ ڏئي حڪمرانن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو

Leave A Comment