جعلي ترقيون: نوشهري فيروز ۾ ڊي اي او ۽ ٽي اي او ٻکين پئجي ويا: مارڪٽ: ٽي اي او رليو   

جعلي ترقيون: نوشهري فيروز ۾ ڊي اي او ۽ ٽي اي او ٻکين پئجي ويا: مارڪٽ: ٽي اي او رليو   

نوشھروفيروز(رپورٽ: غلام شبير اڄڻ) نوشهري فيروز جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري) جون ڪوڙيون صحيحون ڪري غير قانوني ترقيون وٺي ڏيڻ وارو معاملو شدت اختيار ڪري ويو، ان ڏس ۾ ڊي اي او اسلم راڄپر  ڪالهه ٽي اي او سيڪنڊري ڪنڊيارو علي احمد سانگي کي آفيس  گھرائي ڳالھيون ڪيون، جنهن  دوران  جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي  ۾  ٽي اي او علي احمد سانگي جي آڱر ڀڄي پئي. نوشھروفيروز ٿاڻي تي ڊي اي او اسلم راڄپر خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي.  ٻئي طرف  ڊي اي او اسلم راڄپر ڊائريڪٽر شھيد بينظير آباد کي ليٽر لکي  علي احمد سانگي کي رليو ڪندي ڄاڻايو آھي ته جي ايس ٽي ڪاشف علي شر جي  غير قانوني پروموشن آرڊر تي ڪوڙيون صحيحون ڪري ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسس مان کيس اضافي پگھار ڏياري وئي آھي. ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي ته علي احمد سانگي اڳ ۾ به 58لک جا بل ٽريزري مان پاس ڪرائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ھئي، محمد اسلم راڄپر اينٽي ڪرپشن جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي پڻ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آھي. ذريعن موجب آفيس ۾ ڳالھين دوران ڊي اي او ۽ ٽي اي او ۾ منھن ماري ٿي پئي، جنهن بعد اهي  ھڪٻئي جي ٻکين پئجي ويا، هنن هڪ ٻئي کي ڌڪ پڻ ھنيا، جنهن دوران ٽي اي او ڪنڊيارو علي احمد سانگي جي ھٿ جي آڱر ٽٽي پئي رابطي تي ايس ايڇ او راجا نويد ٻڌايو ته علي احمد سانگي ٿاڻي تي اچي فرياد داخل ڪرايو آهي ڊسٽرڪٽ آفيسر  اسلم راڄپر مونکي آفيس گھرائي حملو ڪيو آھي، اسان  کيس ميڊيڪل ليٽر ڏنو آھي،  معاملي جي انڪوائري ڪئي ويندي.