| جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ؟ خاتون اي ايس پي خلاف ڪارروائي حڪم |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي جي خاتون پوليس آفيسر کي جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ مهانگو پئجي ويو, عدالت ايس ڊي پي او/ اي ايس پي ڊفينس خلاف فوجداري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته خاتون اي ايس پي ندا جنيد عدالت ۾ غير حاضري تي جاري شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽس پيش ڪيا، عدالت لاڳاپيل اسپتال مان ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جي تصديق ڪرائي ، اسپتال عورت آفيسر پاران پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جعلي قرار ڏنا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل تاريخ تي خاتون پوليس آفيسر جي نالي سان ڪا وزٽ، علاج يا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري نه ڪيو ويو، عدالت موجب پوليس آفيسر پاران پيش ڪيل دستاويز اسپتال جي رڪارڊ سان مطابقت نٿا رکن, پوليس آفيسر پاران پيش ڪيل ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ اسپتال جو جاري ڪيل ناهي، عدالت چيو ته اسپتال جي رپورٽ جي بنياد تي خاتون پوليس آفيسر کي هڪ ٻيو شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، ٻئي طرف ڊفينس جي ايس ڊي پي او ندا جنيد چيو ته سرٽيفڪيٽ نيڪ نيتي سان جمع ڪرايا، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي آهي ته اها غير ارادي طور ٿي آهي, عدالت چيو ته پيش ڪيل ايمرجنسي ۽ او پي ڊي پرچين تي صحيحن ۾ واضح فرق موجود آهي, جعلي دستاويزن کي اصل ظاهر ڪندي پيش ڪرڻ قانوني طور تي ڏوهه آهي, پوليس آفيسر کان قانون جي مڪمل پاسداري جي اميد ڪئي ويندي آهي, آفيسر پاڻ اهڙن عملن ۾ ملوث هجن ته انهي سان انصاف جو نظام متاثر ٿيندو آهي, سپريم ڪورٽ جي فيصلن مطابق پوليس آفيسر جي ڏوهن کي عام شهرين جي نسبت وڌيڪ سختي سان ڏسڻ گهرجي، خاتون پوليس آفيسر جو عمل مس ڪنڊڪٽ جي ذمري ۾ اچي ٿو, پوليس قانون موجب مٿس ادارتي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي, جعلي دستاويز پيش ڪرڻ تي پوليس آفيسر خلاف سڌي شڪايت داخل ڪئي وڃي.