ممبئي (م ڊ) هندستان ۾ 3.6 ملين واٽس ايپ اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن. ويب سائيٽ گيجٽس ناؤ موجب واٽس ايپ جعلي ڪالز جي سلسلي ۾ اهو قدم کنيو
انهن اڪائونٽس جي بندش جو انڪشاف يونين ٽيلي ڪام جي وزير اشويني وشنائو پاران سرڪاري ويب سائيٽ جي لانچ جي تقريب ۾ ڪيو ويو
جعلي ڪالز کي روڪڻ لاءِ حڪومتي قدمن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ ڀارتي وزير چيو ته ميٽا جي مالڪ ڪمپني واٽس اپ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو فون نمبر فراڊ ۾ ملوث هوندو ته ان جون خدمتون معطل ڪبيون