جلالپور ڪئنال تي خدشا، پنجاب اعتبار جوڳو ناهي: آبادگار بورڊ

جلالپور ڪئنال تي خدشا، پنجاب اعتبار جوڳو ناهي: آبادگار بورڊ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد جو ماھوار اجلاس نواب زبير احمد ٽالپر جي صدارت ۾مرڪزي آفيس حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب پاران منگلا مرالا لنڪ ڪئنال ۽ جلال پور ڪينال جي تعمير تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌ جو پاڻي اڳ ئي چوري ڪيو پيو وڃي پنجاب مٿان ڪنھن به قسم جو ڀروسو نٿو ڪري سگهجي 1991 واري پاڻي ٺاھ جي سڌي سنئي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته اھڙا بي اعتمادي وارا تجربا ڏسي چڪا آهيون. اجلاس ۾ آبادگارن سنڌ ۾ نقلي پيسٽي سائيڊ ٻج ڀاڻ جي سري عام وڪرو تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته فوري طور ان خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري اھو وڪرو بند ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته آبادگار جو وڏو معاشي نقصان ٿي رھيو آھي، اجلاس ۾ آبادگارن مطالبو ڪندي چيو ته زراعت تي ٽئڪس 45 سيڪڙو مان گهٽائي واپس 15 سيڪڙو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو آبادگار 45 سيڪڙو ٽيڪس نٿو ڏئي سگهي.