ڀارت جي نامور نيوز مئگزين ”انڊيا ٽوڊي“ هن هفتي لاڳيتي اشاعت جا پنجاه سال پورا ڪيا آهن. ان حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي خاص شماري ۾ “انڊيا ٽوڊي“ انهن سياسي ۽ سماجي لاڙن، واقعن ۽ اهم شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي جن ايڪهين صديءَ جي هن پهرين چوٿائي ۾ سماج، ثقافت ۽ عام ماڻهن جي زندگي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.
پاڻ وٽ جيئن ته نه هاڻي ان قسم جا مخزن رهيا آهن ۽ نه وري موجود ميڊيا جي ذريعن کي اهڙن موضوعن سان دلچسپي، ان ڪري اهڙي ڪنهن شيءَ جو پنهنجي اکين جي رستي تان گذر نٿو ٿئي. پر ڀلن ڏينهن جي سنڌڙي ۾ واهپيدارن کي اهڙو وکر به عام جام پيو ملندو هو. مون کي چٽو ياد آهي ته جڏهن وقت نئين صديءَ ڏانهن ڪَرَ موڙي رهيو هو ته اسان جون اخبارون ۽ رسالا پڻ اهڙن “صدين جي سودائين“ جي ذڪر سان سجايل هيون، جن گذريل صديءَ جي پڇاڙڪي اڌ ۾ تاريخ جي نبض تي هٿ رکي هن خطي جي نمائندگي ڪئي پر اهي لکئي جا ليک آهن، جو پاڻ وٽ هن چوٿائي صديءَ جي قصي بابت ڪو اڪيڊمڪ تجزيو ته ٺهيو، ڪٿي ڪو ضمني حوالو به نظر نه آيو آهي. خبر ناهي نامياري تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي ”سنڌ- خاموشي ڪي آواز“ نالي ڪتاب سنڌ جي ڪهڙي دور کي ذهن ۾ رکي لکيو هو؟ پر پاڻ بئروميٽر وارو اهو ڪم تاريخ جي عجائب گهر جي حوالي ڪري هتي هڪ مختلف پيراهي ۾ هڪ اهڙي سنڌي عوامي فنڪار کي ياد ڪريون ٿا، جنهن پنهنجي فن جي شروعات لڳ ڀڳ ”انڊيا ٽوڊي“ جي جاري ٿيڻ واري سال کان ڪئي ۽ جنهن گذريل صديءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڪن جي سنڌ جي (Zeitgeist) کي ڀرپور نموني ڊفائن ڪيو ۽ جنهن، بقول سنڌ جي رانجهن صحافي اسحاق مڱرئي جي، ”صدي جي چوٿئين حصي تائين سنڌ جي عوام کي يڪتاري ۽ چپڙي جي وڄت تي مست رکيو“.
موسيقيءَ جي علم جي اڻ ڄاڻائي، آواز جي کهري پڻ ۽ مساجنسٽ ائپروچ ۽ اسٽائل باوجود، گذريل صديءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڪن ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جنهن فنڪار کي سڀ کان وڌيڪ ريليٽ ڪيو، ان جو نالو جلال چانڊيو هو.
ڌنار مان ڌاڙيل، ڌاڙيل مان درزي ۽ درزي مان فنڪار بڻيل جلال اڄ کان ٺيڪ پنجويھ ورهيه اڳ اڄوڪي ڏينهن تي هي جهان ڇڏيو.اتفاق جي ڳالھ آهي ته جلال جڏهن حيدرآباد جي راجپوتانا اسپتال ۾ بيماري سان جهيڙي رهيو هو ته انهن ئي ڏينهن ۾ تازو گذاري ويل ميڊم نورجهان بابت پنهنجي ڪالم ۾ وسعت الله خان لکيو ته، ”مون بس جي ڪنڊڪٽر کي ڀاڙو ڏيندي چيو ته ڇا توکي خبر آهي ته نور جهان گذاري وئي آهي؟ ته هن ڳالھ ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي چيو: اڇا…ٿورو اڳيان ٿيندا هلو…نمائش… سبزي منڊي…حسن اسڪوائر… نيپا“.
پر جلال جي موڪلاڻي تي نه رڳو ڦل شهر ۾ گلن جو رنگ ڪارو هو پر ان ڏينهن سنڌ جي ڪنهن به بس جو ڪنڊڪٽر ڪنهن به وسعت الله خان کي جلال جي باري ۾ نورجهان جهڙي خبر کي ٻڌو اڻ ٻڌو نه ڪري ها. نصير بيگ مرزا آف ٽنڊو ٺوڙهو کان روايت آهي ته، ”استاد منظور علي خان هڪ ڀيري چيو ته اسين راڳ جو کائون ٿا، جلال ڀاڳ جو کائي ٿو“. سنڌ ۾ ڪيسيٽن جي مارڪيٽنگ جي بنياد وجهڻ کان وٺي ماڻهن جي شادين جي تاريخن ٻڌجڻ تائين، جلال سنڌ جو واحد ليويشنگ ۽ لوڪ پريه فنڪار هو، جنهن سنڌي سوسائٽي تي واضح اثر ڇڏيا. ڪي ڏينهن ٿيا آئون انڊونيشيا جي جزيري بالي ۾ اتان جي مشهور گرو هندستان ڄائي سنڌي سائين آنند ڪشن جي آشرم ۾ ويٺو هئس، جتي هڪ پاسي ڀٽائيءَ جي رسالي جو انگريزي ترجمو پيل هو ته ٻئي پاسي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل معتقد ”ڏيکارڻ طبيبن کي بيڪار آ، منهنجو دارون دوا تنهنجو ديدار آ“ تي جهومي رهيا هئا. مون کي بعد ۾ سائين محمود مغل ۽ سائين الطاف جوکيي کان خبر پئي ته اتي ڀڄن طور وڄندڙ اهو گيت دراصل جلال چانڊئي جو اوائلي دور ۾ ڳايل ڪلام آهي. ”ڏس سنڌ ڪٿي ڪٿي پهتل آهي پيارا“ مون کي هڪ جلاوطن دوست چيو.
بيپناه مقبوليت باوجود جلال روايتي سنڌي ماڻهن جيان زندگي گذاري. بيماري دوران هو ڪڏهن اسپتال ۾ ته ڪڏهن سعدي موساڻي جي درگاه تي ويٺو هوندو هو. سندس مزاح جي حس به ڪمال جي هئي. وفات کان هڪ هفتو اڳ بيماري جي بستري تي اسحاق مڱرئي کي انٽرويو ۾ چيائين ته، ”مون کي اسپتال ڇڏي ئي نٿي. ڊاڪٽرن جيتريون دوائون کارايون آهن، ايتريون ڍور کائي ته اهو به مري وڃي“.
جلال جي انداز، سندس شاعري جي سليڪشن ۽ سندس ميل ڊاميننيسي کي وڌاءُ ڏيندڙ فن سان ماڻهن جا هزار اختلاف سهي، مگر هو سنڌ جو هڪ مقبول ترين فنڪار هو، جنهن جي انداز جا اولڙا سنڌي سوسائٽي ۽ ڪلچر ۾ ايترا پيوست هئا جو ڪيترين ئي عورت ڳائڻين کي هن جو ئي اسٽائيل اپنائڻو پيو. هاڻ جڏهن سنڌي موسيقي هر حوالي سان زوال پذير آهي ته جلال تي لڳندڙ اهو الزام ته هن اصل ۽ نج موسيقي کي پٺتي ڌڪي، ولگر ڪيسيٽ ڪلچر کي هٿي ڏني، به پنهنجو جواز وڃائي چڪو آهي. عابده پروين جيڪڏهن نصيبو لال سان جهڪي ملي سگهي ٿي ته سنڌ جي تاريخ ۾ ان جلال چانڊئي لاءِ به جاءِ هجڻ گهرجي، جنهن جي اسٽائل جون نشانيون هن جي مرڻ کان چوٿائي صدي پوءِ به هتي هتي نظر اچي وڃن ٿيون.