| جلد “هو جمالو” ٽرين هلائي ويندي: ناصر حسين شاهه |
سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ريلوي محمد حنيف عباسي ۽ صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه روهڙي جنڪشن پهچي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو. ان موقعي تي ٻنهي وزيرن تقريب کي خطاب ڪيو ۽ بعد ۾ ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي. صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڊگهي عرصي وارو بنيادي مطالبو هاڻي پورو ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته ريلوي اسٽيشن تي بنيادي سهولتن جي کوٽ رهي آهي، جڏهن ته هاڻي روهڙي جنڪشن جو خواب حقيقت جو روپ اختيار ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سکر ايڪسپريس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ تمام جلد پاڪستان ريلويز ۽ ضلعي ڪائونسل جي تعاون سان “هو جمالو ٽرين” به هلائي ويندي. وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ادارن جو تعاون جاري رهيو ته ڪم تيزي سان اڳتي وڌندو. هن چيو ته سکر جي ترقي ڏسي کيس خوشي ٿي آهي، جڏهن ته سکر ۽ روهڙي ۾ يونيورسٽيون ۽ جديد سرڪاري اسپتالون موجود آهن. هن ٻڌايو ته حڪومت بلوچستان ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، جڏهن ته روهڙي جنڪشن جو منصوبو هڪ ارب 33 ڪروڙ رپين تي مشتمل آهي. هن چيو ته روهڙي ۽ سکر جا ماڻهو خوش نصيب آهن ۽ لاهور ۽ روهڙي ۾ وڏو فرق آهي، پر هاڻي روهڙي جنڪشن کي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويندو. حنيف عباسي موجب روهڙي جنڪشن 150 سال پراڻو آهي ۽ ان کي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ريلوي اسپتال کي پارٽنرشپ تي ڏنو ويو آهي، جتي ملازمن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويندو. ٿر ڪول منصوبو 90 ارب رپين تائين پهچي چڪو آهي. ٿر ڪول منصوبي جو افتتاح جلد ڪيو ويندو.