| جلسي ۾ ماڻهو نه آڻڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي نوٽيس، مستعفي |
اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ پشاور جلسي ۾ ڪارڪن گهٽ آڻڻ تي 25 ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. 7 ڊسمبر تي حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ ٿيل جلسي ۾ گهربل تعداد ۾ ڪارڪن نه پهچائڻ تي ضلعي تنظيم جي 25 ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا. اها ڪارروائي پي ٽي آءِ جلسي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ڪئي. انهي جلسي ۾ ضلعي تنظيم مقرر تعداد ۾ ڪارڪنن کي جلسي ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهي. شوڪاز نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعي تنظيم جي عهديدارن پارٽي حڪمن تي عمل نه ڪيو ۽ جلسي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهيا. سمورن لاڳاپيل عهديدارن کي 3 ڏينهن جي اندر لکت ۾ جواب گهريو ويو آهي. پارٽي طرفان چيو ويو آهي ته تسلي بخش جواب نه ملڻ جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. نجي ٽي وي پي ٽي آءِ ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته ضلعي عهديدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي عهديدارن پارٽي قيادت کي پنهنجون استعيفائون اماڻي ڇڏيون آهن.