| جماعتين جون تصويرون گڏهن جي ڳچيءَ ۾ لڳايون ؟ ميئر |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي ڪراچي شهر تي 30 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي ڪنهن هڪ جماعت جو نه پر سڀني شهرين جو شهر آهي،ڪراچي وارن کي تقريرون نه پر عملي ڪم گهربل آهن، هن چيو ته ٽوپي پائي اسان کي ٽوپيون پارائڻ بند ڪريو، او زيڊ جا اربين رپين وصول ڪرڻ باجود چئو ٿا ته هڪ روپيو به نٿو ملي، عوام جا مسئلا نه ڪندئو ته هزار روپيا ڏئي اوهان جي تصوير لڳائڻي پوندي، اوهان منافقت ڇڏي ڪم ڪريو، هن چيو ته جماعتي چون ٿا ته اجرڪ اسان جو شان آهي، ڇا اسين گڏهن جي ڳچيءَ ۾ سندن تصويرون لڳائي ڇڏيون؟ روڊ بلاڪ ڪرڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا. شهر اسان سڀني جو آهي، گڏجي ڪم ڪنداسين ته مسئلا به حل ٿيندا.