ڪراچي: گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته اسان اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسيمبلي ٻاهران احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي، ڳالهيون رٿيل هيون پر پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، اسان مجبور ٿي اهو قدم کنيو، قانون جي خلاف ورزي جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، عوام کي اپيل آهي ته پرامن رهن، فساد ڦهلائيندڙن جي چوڻ ۾ نه اچن ، قانون جي رٽ قائم رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي، هوڏانهن سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جماعت اسلامي کي اڳ ۾ ئي ٻڌايو ويو هو ته کين ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هن چيو ته حڪومت ڳالهيون ڪندي پر جماعت اسلامي کي پنهنجي رويي تي نظر رکڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته جماعت اسلامي انتشار جي سياست ڪري رهي آهي، هنن ڪراچي جي 9 ٽائونز جو حشر ڪري ڇڏيو آهي
جماعت اسلاميءَ جي مارچ سبب صدر ۾ ٽريفڪ جام: گاڏين جون قطارون
ڪراچي: جماعت اسلاميءَ جي مارچ سبب صدر ۾ ٽريفڪ جام ٿي وئي،سنڌ اسيمبلي، آرٽس ڪائونسل، پريس ڪلب، صدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گاڏين جون لائينون لڳي ويون،