| جماعتي ٽائونن کي ڪم نه ڪرڻو هو ته حلف ڇو کنيو؟ ميئر |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته قانون ۽ اختيار ساڳيا آهن پر قيادت مختلف آهي، منهنجو واعدو آهي ته شهر تي هڪ هڪ پائي خرچ ڪئي ويندي. هي سال ترقياتي ڪمن ۽ مسئلن جي حل جو سال آهي، ڪراچي جون سموريون سياسي جماعتون اقتدار ۾ آهن. جماعت اسلامي وٽ شهر جا 25 مان 9 ٽائون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۽ قومي اسيمبلي جو حصو آهي،هن چيو ته ٽائونن وٽ ڪافي اختيار ۽ وسيلا موجود آهن، پراپرٽي ٽيڪس ۽ روڊ ڪٽنگ جا پئسا به ٽائونن وٽ آهن، هاڻ ڪم نه ڪرڻ جو لاءِ ڪو بهانو قبول نه ڪيو ويندو. ٽائونن چيئرمين کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته جيڪڏهن ڪم ڪرڻو نه هو ته هنن حلف ڇو کنيا؟ ديوارن تي شهر جي مسئلن جو حل صرف جماعت اسلامي لکڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته گٽرن ڍڪڻ لڳائڻ نه پر انهن جي نگهباني ڪرڻ مسئلو آهي، شهرين کي به مين هولن جي ڍڪڻن جي حفاظت ڪرڻي پوندي.