جماعت اسلامي جو عيد ميلاد بعد ملڪ گير هڙتال جو اعلان

جماعت اسلامي جو عيد ميلاد بعد ملڪ گير هڙتال جو اعلان

پشاور (م ڊ) جماعت اسلامي عيد ميلاد النبي بعد ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ پشاور ۾ چوٿين ڏينهن به پيٽروليم ليوي ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جا احتجاج جاري رهيا. پشاور ۾ احتجاج کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته هڪ ليٽر پيٽرول تي 130 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. جماعت اسلامي وڏي جدوجهد لاءِ تيار آهي، ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن ماڻهن جو سمنڊ اسلام آباد مارچ شروع ڪندو، شهباز شريف صاحب، توهان کي ليوي جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان باهه نٿا چاهيون، پر ڪرپشن ۽ ڦر لٽ جي نظام کي جام ڪنداسين، حڪومت کي پوئتي ڌڪڻو پوندو، جڏهن مان فون ڪندس ته اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ اسان جا موبائل فون بند ٿي ويندا پوءِ توهان جي ڳالهه نه ٻڌبي. عيد ميلاد النبي کانپوءِ ملڪ گير هڙتال جو اعلان ڪندي هن چيو ته ان بعد سموري ملڪ ۾ وڏا ڌرڻا هنيا ويندا، ان کانپوءِ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين. لياقت بلوچ لاهور ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جا 28 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن پر اها ڊليور نه ڪري سگهي آهي، حڪمران آسائشون ۽ پروٽوڪول ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن.